Thursday , April 25 2024

جماعت اسلامي جي ڪوششن سان سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني پرڏيهين کي قانوني حيثيت ملي وئي، سنڌ جون سياسي ۽ سڄاڻ ڌريون خاموش

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) جماعت اسلامي گذريل ڪيتري وقت کان سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني پرڏيهين کي قانوني حيثيت ڏيارڻ ۽ اهڙي برمين، بنگالين ۽ ٻين ملڪن جي رهواسين جن ڪنهن به طريقي سان پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو هو، اُهو قانوني حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. جنهن کي نادرا رد نه سمجهندي. هاڻي جنهن جو به ڪوڙو شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي، ان کي درست تسيلم ڪيو ويندو، ان جي تصديق به نه ڪئي ويندي.

جماعت اسلامي پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. 16 فيبروري 2018 کان سڄي ملڪ نادرا پاران جيڪو به شخص پاڪستان جو 13 ڊجٽ سي اين آئي سي نمبر رکندڙ هوندو ان کي هاڻي سسپيڪٽ مارڪ نه ڪري سگهبو.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رهندڙ لکين غير ملڪي ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ نادرا آفيس ۾ هر ڇنڇر تي قبائلين جا ڪارڊ ٺهن ٿا جيڪي IDPS جي نالي پنهنجو ڪارڊ ٺهرائن ٿا پر انهن جي هاڻي ويريفڪيشن/ٻيهر تصديق به نه ڪيا ويندا.

لانڍي مجيد ڪالوني ڪورنگي ابراهيم حيدري جي علي اڪبر شاهه ڪالوني اورنگي ٽائون ۾ رهندڙ لکين بنگالي پنهنجو ڪارڊ موڊيفاء يا رنيو ڪرائڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. ان لاءِ وري جماعت اسلامي به باقائدگي سان اهڙن ماڻهن جي رهنمائي لاءِ پنهنجي مختلف آفيسن اسپيشل ڊيسڪ قائم ڪيون آهن، جن کي رڪارڊ تي نه پيو آندو وڃي.  نادرا جي نئين پاليسي مطابق، جيڪڏهن ڪو شخص پاڪستاني ڪارڊ هولڊر آهي ۽ ان پيدائش ڀلي 1970 جي ڪنهن ٻئي ملڪ جي ئي هجي ته ان جي باوجود به اهو به ڪارڊ هاڻي ٺهرائي سگهي ٿو.

ان سلسلي ۾ نادارا جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪراچي شهر سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. لکن جي تعداد ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو رهن نادرا جي قانون ۽ پاڪستان جي آئين تحت پنهنجي ڪارڊ تي ايڊريسون تبديل ڪرائي هن شهر جو ڊوميسائل ٺهرائن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڇا مانسهرہ، اٽڪ ايبٽ آباد هري پوري سوات بتگرام وغيره خالي ٿي ويا آهن ڇا؟

ئين پاليسي جو سڌو سنئون نقصان ته سنڌين کي آهي، جنهن جو مک ڪارڻ آهي ئي اهو ته غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ ٻيو ڪٿي به نه پر صرف سنڌ ۽ خاص طور تي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ آباد آهن. ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد، ميرپور خاص، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار ۽ سکر ۾ به غيرقانوني ماڻهو ترسيل آهن.

جماعت اسلامي پنهنجي ٻين سنڌ دشمنين پاليسين سان گڏ، ڌارين جي آبادڪاري جي حامي ۽ کين مختلف طريقن سان قانوني حيثيت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آحي. پر ان سلسلي ۾ سنڌ جون قومپرست پارٽين سميت سموريون سياسي، سماجي تنظيمون ۽ سڄاڻ ڌريون به خاموش تماشائي بڻيل آهين.

ان سلسلي ۾ جڏهن سنڌ سماءَچار پاران ٻن قومپرست پارٽين جي ذميوارن سان رابطو ڪري هن معاملي بابت موقف پڇيو ويو ته، ٻنهي ذميوارن وٽان جواب مليو ته، ” پهريان اهو ٻڌايو ته اهو معاملو ٿيو ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني آهي. ان جا مک ذميوار ڪير آهن“، اهڙو جواب ملڻ تي سنڌسماءَچار جي رپورٽر پاران خاموشي اختيار ڪندي فون بند ڪئي وئي.

لاڳاپيل خبرون

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

 

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *