Friday , March 29 2024

جعلي ڊوميسائيلز رد ڪري ذميوار ڊي سيز ۽ اي سيز خلاف ڪارروائي ڪيو: جاچ ڪميٽي

جعلي ڊوميسائيلز ٺاهڻ ۾ ڊپٽي ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڪمشنرز ملوث نڪتا

جاچ ڪميٽي پاران ڪوڙن ڊوميسائيلز تي حاصل ڪيل نوڪريون ۽ داخلائون به رد ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي(رپوٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) جعلي ڊوميسائيلز رد ڪري ڊپٽي ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڪمشنرز سميت لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪيو، جعلي ڊوميسائيلز جاري ٿيڻ جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪري ڇڏي. سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلز جاري ٿيڻ جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي پنهنجي شروعاتي رپورٽ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي حوالي ڪئي، جنهن اها رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي پارن جعلي ڊوميسائيلز ٺهڻ جو اهم سبب ڊپٽي ڪمشنرز جي لاپرواهي قرار ڏيندي، ڊي سيز، اي سيز سميت لاڳاپيل عملدارن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪندي جعلي ڊوميسائيلز رد ڪرڻ جي به سفارش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن کان  مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ چيف سيڪريٽري پاران سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي، پنهنجي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري چيف سيڪريٽري کي پيش ڪئي، جيڪا چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪري ڇڏي آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب جاچ ڪميٽي لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، ڄامشورو ضلعن ۾ جاري ڪيل جعلي ڊوميسائيلز معاملي جي جاچ ۾ 200 کان وڌيڪ ڊوميسائيلز مڪمل طور تي جعلي هئڻ جا ثبوت ملي ويا آهن، جيڪي جعلي آهن، انهن مان اڪثر ڊوميسائيلز اسسٽنٽ ڪمشنرز جاري ڪيا، جيڪو اختيار ڊي سيز اسسٽنٽ ڪمشنرز حوالي ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊوميسائيلز جاري ڪرڻ جو اصل اختيار ڊي سي کي آهي، پر انهن اهو اختيار اي سيز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اختيار اڃاتائين به سنڌ جي ضلعن ۾ موجود آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ ڄامشورو ضلعن 200 کان وڌيڪ ڊوميسائيلز جعلي نموني جاري ڪيا ويا، جيڪي رد ڪيا وڃن.

ڪميٽي سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته پي آر سي قانون کي سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ گذريل 10 سالن ۾ ٺهندڙ جعلي ڊوميسائيل خلاف ڪمشنرن کي جاچ ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وڃي. جاچ ڪميٽي پاران سفارشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، جن جن ماڻهن جعلي ڊوميسائيلز ذريعي نوڪريون ورتيون آهن انهن کي نوڪرين مان نيڪالي ۽ جن تعليمي ادارن ۾ داخلائون ورتيون انهن جون داخلائون رد ڪيون وڃن. جعلي ڊوميسائيلن واري اسڪينڊل بعد سنڌ سرڪار پاران 27 مئي تي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر قاضي شاهد پرويز جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي هئي. جاچ ٽيم ڪشمور، ڄامشورو، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ جي شڪايت تي جاچ ڪري، رپورٽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي حوالي ڪئي، جنهن بعد چيف سيڪريٽري رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *