Thursday , March 28 2024

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس: بلاول هائوس جي ڀرپاسي ۾ 46 ملڪيتون خريدڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقمن جي غير قانوني ڏيتي ليتي توڙي مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم(جي آءِ ٽي) پنهنجي جاچ مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، مني لانڊرنگ ذريعي حاصل رقمن مان ڪلفٽن ۾ گهڻ ماڙ ٽاور ۽ بلاول هائوس جي  ڀرپاسي ۾ 46 بنگلا ۽ ٻيون ملڪيتون خريد ڪيون ويون، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته چئن سالن دوران مني لانڊرنگ جي رقم مان 84 ارب رپين جون ملڪيتون خريد ڪيون ويون. جعلي بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ اسڪينڊل بابت جوڙيل جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري ڇڏي آحي، رپورٽ بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، 2008 کان 2014 تائين ڇهن سالن جي مختصر عرصي دوران 84 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي، جيڪا صرف سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ٻن ٻين شهرن ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ڪئي وئي.

مني لانڊرنگ مان حاصل ٿيندڙ رقم جو ڪاٿو 84 ارب رپيا آهي ۽ ان رقم مان ڪراچي پراڻين ۽ مهانگين سوسائٽيز ڪلفٽن، ڊفينس، پي اي ايس سي ايڇ سوسائٽي، ناظم آباد، محمد علي سوسائٽي، ڪاٺياواڙ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۽ ڀاٿ آئي لينڊ ۾ ملڪيتون خريد ڪيون ويون آهن. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق، جي آءِ ٽي جي جاچ مطابق صرف ڪلفٽن واري علائقي ۾ بلاول هائوس جي ڀرپاسي ۾ 46 قيمتي پلاٽ، بنگلا ۽ ٻيون ملڪيتون خريد ڪيون ويون آهن، جن جي ماليت مقرر اگهن (مارڪيٽ ريٽس نه) مطابق 84 ارب رپيا آهي.ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مني لانڊرنگ مان حاصل ٿيندڙ رقم جي وڏي حصي مان ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي، ريئل اسٽيٽ ۾ٿيل سيڙپڪاري کي فرنٽ مينز ذريعي به ڪئي وئي آهي. سنڌ سماءَچار کي مليل معلومات مطابق مني لانڊرنگ مان حاصل ٿيندڙ رقم مان مين ڪلفٽن واري علائقي ۾ ملڪ جي وڏي گهڻ ماڙ عمارت به قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اصل ساڍا ست هزار اسڪوائر گزن کان وڌيڪ واري ايراضي تي قائم آهي، ان گڻ ماڙ ٽاور ۾ ڀرپاسي جي مختلف نجي توڙي سرڪاري پلاٽن کي به مختلف طريقن سان ڦٻائي ان ٽاور جي ايراضي ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪا وڌي مجموعي طور17 هزار237 چورس وال ٿي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪلفٽن جي ان ٽاور جي پلاٽ جيڪو اصل 7 هزار 800 چورس والن کان وڌيڪ هو ۽ بعد ۾ ان ۾ جيڪا 10 هزار 200 چورس والن کان وڌيڪ جي زمين شامل ٿي وئي ان ۾ سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي، روينيو بورڊ، ماحوليات وارو کاتو ۽ ڪي ڊي اي جا عملدار شامل آهن، جن مختلف طريقا اختيار ڪري ٽاور جي زمين هٿ ڪرڻ کان اڏاوت تائين جا سمورا مرحلا مڪمل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *