Friday , March 29 2024

جعلي اڪائونٽس ڪيس،جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين عباس جکراڻي گرفتار

جعلي اڪائونٽس ڪيس،جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جو ماروٽ عباس جکراڻي گرفتار

جيڪب آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، نيب سکر جي ٽيم جيڪب آباد ۾ ڪارروائي ڪري ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ماروٽ عباس جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، عباس جکراڻي کي اڄ احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو. نيب جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ماروٽ کي گرفتار ڪري کيس نيب سکر ڊائريڪٽوريٽ آفيس منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، عباس جکراڻي کي اڄ ڇنڇر ڏينهن احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته عباس جکراڻي پيپلزپارٽي جي قيادت کي هڪ قيمتي بم پروف گاڏي خرتيد ڪري ڏني هئي، ان بم پروف گاڏي جي خريداري عيوض جيڪا رقم ادا ڪئي وئي هئي اُها هڪ بي نامي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي هئي ۽ اها گاڏي عباس جکراڻي جي نالي تي هئي. عباس جکراڻي بابت جيڪب آباد جي باخبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته، عباس جکراڻي پنهنجي پڦاٽ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجوده سنڌ حڪومت جي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين طور به ڪم ڪندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *