Saturday , April 20 2024

جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل، نجف مرزا جي سربراهي ۾ 5 ميمبرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) جعلي اڪائونٽس ذريعي ڏوڪڙ پرڏيهه موڪلڻ واري اسڪينڊل جي باقائدگي سان جاچ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، نجف مرزا جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جعلي اڪائونٽس جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نجف قلي مرزا جاچ ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ايف آءِ اي جا آفيسر فيض الله ڪوريجو، سنڌ علي مردان کوسو شامل هوندا. چوڌري محمد احمد ۽ خالد انيس ڪميٽي جا ميمبر هوندا. گڏيل ٽيم جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندي، ڪميٽي جو سربراهه ڊي جي ايف آءِ اي کي اڳڀرائي بابت رپورٽ ڏيندو. جعلي اڪائونٽس جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نجف قلي مرزا جاچ ڪميٽي جو سربراهه هوندو. نوٽيفڪيشن موجب، گڏيل ٽيم جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي جو سربراهه ڊي جي ايف آءِ اي کي اڳڀرائي بابت رپورٽ ڏيندو.  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، جاچ ٽيم ۾ ايف آءِ اي سنڌ جو ڊائريڪٽر منير احمد شيخ، ايف آءِ اي پنجاب جو ڊائريڪٽر عثمان انور شامل هوندا. جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر بينڪنگ سرڪل ڪراچي فيض الله ڪوريجو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ علي مردان کوسو شامل هوندا. نوٽيفڪيشن تحت ايف آءِ اي پنجاب جا 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرز چوڌري محمد احمد ۽ خالد انيس شامل هوندا. نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي ڪنهن به ميمبر کان ڪنهن به وقت سهڪار حاصل ڪري سگهندي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *