Friday , March 29 2024

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه؟؟

اسلام آباد (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ  جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيل هڪ درخواست تي ٻڌڻي 4 اپريل تي ٿيندي، جسٽس قاضي فائض عيسيٰ جي، هڪ تقرير خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي ابتدائي ٻڌڻي ٿيندي. سپريم ڪورٽر جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار،  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. ابتدائي ٻڌڻي ۾ درخواست بابت فيصلو ڪيو ويندو ته ڇا اُها ٻڌڻ جوڳي آهي به يانه.

جسٽس قاضي فائز، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ تقرير خلاف ملڪ جي مختلف بار ايسوسيئيشنز پاران ٺهراءَ به منظور ڪيا هئا. رياض

ان کان اڳ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف رياض حنيف راهي جي درخواست تي، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض رد ڪندي هدايت ڪئي هئي ته پهريان اها درخواست عدالت آڏو پيش ڪئي وڃي جنهن تي فيصلو ڪيو وڃي ته اها ٻڌڻ جوڳي آهي به يا نه. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته، 5 اگسٽ 2009 ۽ پهرين سيپٽمبر 2014 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز رد ڪيا وڃن. جن نوٽيفڪيشنز ۾ قاضي فائز عيسيٰ کي پهريان بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو. رياض حنيف راهي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته، آئين ۾ اهڙي ڪا به شق/گنجائش ناهي جنهن تحت ڪنهن کي هاءِ ڪورٽ جو سڌي ريت چيف جسٽس مقرر ڪيو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري واري معاملي ۾ آئين جي آرٽيڪل 196 ۽ 200 جي پوئواري / عمل ناهي ڪيو ويو. درخواست الجهاد ٽرسٽ ڪيس 1996 جو حوالو ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 105 جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته، صوبي جو وڏو وزير، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نالو هاءِ ڪورٽ جي لاءِ تجويز ڪري سگهي ٿو؛ قائم مقام گورنر پاران هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ ڪو نالو تجويز ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني حق نه ٿو رکي.

درخواست گذار رياض حنيف راهي جو موقف آهي ته، اهڙي طرح جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري لاءِ آئين جي آرٽيڪل 105 مطابق، وزيراعليٰ پاران نالو تجويز ڪرڻ لازمي آهي، گورنر کي اهڙو اختيار ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *