Friday , March 29 2024

جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڏمرجي پيو، سردار رضا کيس آفيس مان ڪڍي ڇڏيو

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان – جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) عام لوگ اتحاد پارٽي جو سربراهه وجيهه الدين احمد اڃا تائين پاڻ کي هر ڳالهه کان مٿانهون سمجهي رهي آهيو، ڇو ته هُو رٽائرڊ جسٽس آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ چيف اليڪشڻ ڪمشنر جي آفيس ۾ ان وقت عجيب قسم جو منظر سامهون آيو، جڏهن جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين احمد پنهنجي سياسي پارٽي، عام لوگ اتحاد پارٽي جي رجسٽريشن جي سلسلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ رکيل هڪ ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اُتي پهتو. وجيهه الدين احمد چيف اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ مقرر ڪيل وقت کان ڪافي دير سان پهتو، ايتري ۾ انتظار ڪرڻ بعد چيف اليڪشڻ ڪمشنر پنهنجي چئمبر ۾ هليو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ عام لوگ اتحاد پارٽي جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي.جيڪا ڌرين جي دير سان اچڻ سبب ملتوي ڪئي وئي هئي. ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ تي پارٽي چيئرمين جسٽس (ر) وجيهه الدين چيف اليڪشن ڪمشنر جي چيمبر ۾ پهتو ۽ چيو ته توهان انتظار ڪيو ها اسان ڪراچي مان آيا آهيون. وجيهه الدين احمد جي اهڙي موقف تي؛ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان وڏي واڪي ڳالهائي رهيا آهيو، توهان جي وڏي واڪي ڳالهائڻ سان مون کي تڪليف ٿي آهي، اوهان سينئر ۽ اڳوڻا جج به آهيو ۽ اوهان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. جنهن تي  جسٽس (ر) وجيهه الدين چيو ته توهان پبلڪ سرونٽ آهيو، توهان کي انهن ڳالهين لاءِ تيار رهڻ گهرجي. جسٽس (ر) وجيهه الدين سان تلخ ڪلامي کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين ۽ سندس وڪيل کي چيمبر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين اليڪشن ڪمشنر جي رويي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته آئون ڪراچي مان خاص طور تي ان ڪيس لاءِ آيو آهيان، اسان عدالت جي ڪمري ۾ پيش ٿياسين پر ساڍا 10 ٿي ويا. اليڪشن ڪميشن لاءِ وڏو افسوس جوڳو ڏينهن آهي، هي رٽائرڊ جج هتي ويهي ٻي نوڪري ڪري رهيو آهي، رٽائرڊ ماڻهو هتي اهو ٿا سمجهن ته هو چانهن پيئڻ لاءِ ويٺا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جڊيشل ڪونسل ويندس، هن مون کي ذليل ڪيو، سردار محمد رضا چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي جو اهل ناهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر انتظار ڪرڻ بعد پنهنجي چيمبر ۾ ويا. اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان هارون خان شينواري چيو ته جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد اليڪشن ڪميشن ۾ اچي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات جي خواهش  جو اظهار ڪيو جنهن تي کيس ملاقات جو موقعو ڏنو ويو. ترجمان چيو ته جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد جيڪي الزام هنيا آهن اهي غلط ۽ بي بنياد آهن. هن اليڪشن ڪميشن جي ساک کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اڻ وڻندڙ زبان استعمال ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *