Thursday , March 28 2024

جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار، پوليس جو تصديق کان انڪار

ملير(رپورٽر    سنڌسماءَچار) بحريا تائون خلاف درڻو هڻڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعن خان قريشي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هن منتقل ڪيو ويو آهي، ملير پوليس صنعان قريشي جي گرفتاري جي ترديد يا تصديق کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن ڇهين جون تي بحرياٽائون جي والار ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بحرياٽائون آڏو ڌرڻي دوران ڪجهه شرپسند ماڻهن پاران ڪيل ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ وارن واقعن جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد قان ون لاڳڪو ڪندڙ ادارن  جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گلشن حديد واري رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسٽيل ٽائون پوليس صنعان قريشي جي گرفتاري جي تصديق يا ترديد کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چو ڻ آهي ته، بحريا ٽائون واري واقعي جي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ صنعان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ سيون اي ٽي اي به شامل آهي، اڄ شام تائين صنعان خان جي گرفتاري ظاهر ڪري کيس دهشستگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم پاران سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، ڪجهه شهرن ۾ ڪاروبار به بند ڪرايو ويو آهي. جسقم جي سڏ تي ملير، نوان جتوئي، نوابشاهه، نواب ولي محمد،شهدادڪوٽ ۽ ڪنڊيارو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ويا آهن. جسقم اڳواڻن صنعان قريشي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ هاءِ ويز تي ڌرڻا هنيا ويندا ۽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرفا ڪري ڌرڻا  هڻنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *