Wednesday , April 24 2024

جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي وڇوڙي کي 5 سال گذري ويا

22222

جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي وڇوڙي کي پنج سال گذري ويا آهن، اڄ رتوديرو ۾ سندس ورسي ملهائي پئي وڃي.

بشير خان قريشي جي 7 ورسي جي مک تقريب سندس اباڻي ڳوٺ رتوديرو ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان جسقم ڪارڪن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

شهيد بشير خان قريشي جي ورسي تقريب کي جسق چيئرمين ۽ بشير خان قريشي جو پٽ صنعان قريشي سميت جسقم جا مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻ خطاب ڪندا.

بشير خان قريشي جي طبعيت 7 اپريل 2012 تي سڪرنڊ ويجهو هڪ هوٽل کاڌو کائڻ کانپوءِ اوچتو خراب ٿي پئي هئي، جنهن کي سندس ساٿين کڻائي سڪرنڊ اسپتال منتقل ڪيو پر، اسپتال پهچندي گهڻي دير ٿي وڃڻ جي ڪارڻ بشير خان دم ڌڻي حوالي ڪري چڪو هو. سندس موت جي تصديق اتي موجود ڊاڪٽرن ڪئي هئي.

بشير قريشي جي شهادت واري خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي هئي ۽ سندس وڇوڙي تي سوڳ ۾ سڄي سنڌ بند ٿي وئي هئي.

بشير خان قريشي لاءِ مشهور آهي ته ساڻس هزار اختلاف هجڻ باوجود سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين توڙي عام ماڻهن ۾ هڪ جيتري عزت ۽ احترام ڪيو ويندو هو.

بشير خان قريشي شروع کان وٺي سنڌ ۾ قومپرست سياست جو قبلو سمجهيو ويندڙ سن جي سيد شائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل هو ۽ آخري دم تائين ان ئي نظريي سان رهيو. هُو جيئي سنڌ هلچل ۽ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي ڏنگي ٻار طور به مشهور رهيو.

سائين جي ايم سيد جي نظربندي دوران 1995 ۾ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ لاڏاڻي کانپوءِ جيئي سنڌ هلچل جي  مختلف ڌڙن وچ ۾ انضمام جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي بشير خان قريشي ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ (تڏهوڪي) جي سربراهه عبدالواحد آريسر جي حوالي ڪيا ته هو ٻين گروپن سان ڳالهيون ڪري جيڪو به فيصلو ڪندو اهو کيس قبول هوندو. جنهن بعد جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ، تحريڪ ۽ انهن جا جيڪي به ٻيا گروپ هئا اهي ضم ٿي ويا ۽ نئين نالي جيئي سنڌ قومي محاذ جي نالي سان نئين قومپرست پارٽي جو بنياد رکيو. بعد ۾ ڪجهه سالن کانپوءِ بشير خان قريشي جي زندگي ۾ ئي جيئي سنڌ قومي محاذ اختلافن جي ور چڙهي گروپن ۾ ورهائجي ويو. ان جي باوجود به جسقم سنڌ اندر ووٽ جي سياست نه ڪندڙ اڪيلي قومپرست پارٽي هئي جنهن وٽ اسٽريٽ پاور هو.

bashir khan 2bashir khan 3

بشير خان قريشي جا سنڌ جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻ، مختلف برادرين جي سردارن/چڱن مڙسن، صحافين، دانشورن ۽ سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ سٺا واسطا رهيا، جيڪي ساڻس نظرياتي اختلاف رکڻ جي باوجود به نه رڳو تمام گهڻي عزت ڪندا هئا پر مختلف مرحلن تي سندس اخلاقي سياسي پر خاموش مدد پڻ ڪندا هئا.

بشير خان قريشي لاءِ اهو به مشهور آهي ته سنڌ جدان هو، جنهن سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي پارٽي جي پرچار ڪئي. سنڌ ۾ مختلف مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻن جي سياست جو به کيس وڏو ڏانءُ هو.

بشير قريشي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ قبيلائي تڪرار نيبرڻ لاءِ جهيڙيندڙ ڌرين ڏان منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃي کين پاڻ ٺاهه ڪرڻ جي به مهم هلائي، جنهن ۾ کيس ڪنهن حد تائين ڪاميابي پڻ ملي.

bashir khan 5bashir khan 4

جسقم جي ڪيترن ئي موجود ۽ اڳوڻن اڳواڻن توڙي سرگرم رهندڙ ڪارڪنن جو خيال آهي ته، بشير خان قريشي ۽ بعد ۾ سندس ڀاءُ مقصود قريشي جي غير فطري موت بعد، جسقم جي سياست انتهائي ماٺار ۾ هلي وئي آهي، جنهن جو ڪارڻ پارٽي جي مظبوط قيادت نه هجڻ به هڪ سبب ڄاڻايو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *