Saturday , April 20 2024

”جرمني ۽ جاپان گڏيل سرحد تي انڊسٽريز لڳايون انڪري ترقي ڪئي“: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، ” ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ تباهه ٿيل جاپان ۽ جرمني پنهنجي گڏيل سرحد تي انڊسٽريز ( صنعتون) لڳائي ترقي ڪئي“. وزيراعظم عمران خان اهڙو اظهار ايران جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران تهران ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪن جي معيشت ۽ قوم جي ترقي صنعتي ترقي ۽ واپار سان ممڪن آهي. ايران ۾ پاڪستاني واپارين ۽ صنعتڪارن جي ان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ٻه ڀيرا ورجايو ۽ چيو ته، ” ٻي مهاڀاري جنگ دوران معاشي طور تباهه ٿيل جرمي ۽ جاپان ترقي لاءِ پنهنجي گڏيل سرحد تي انڊسٽريز لڳايون ۽ اهو ئي سندن ترقي جو راز آهي“. وزيراعظم جڏهن ٻيو ڀيرو ساڳئي ڳالهه ٻيهر ورجائي ته تقريب ۾ شريڪ ماڻهن مان ٽهڪ به گونجندا رهيا، پر وزيراعظم کي انن جو به اندازو نه ٿيو.

جاپان ۽ جرمني وچ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا پنج هزار ڪلوميٽرز جو فاصلو آهي، جنهن بابت وزيراعظم عمران خان اهو چيو ته جاپان ۽ جرمني جي گڏيل سرحد  تي صنعتون لڳايون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *