Tuesday , April 23 2024

جتي ڪتا ماڻهن کي ڏاڙهين اتان جي آفيسرن جون پگهارون بند ڪري هٽايو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر  (خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته، سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ رولو يا ڇتا ڪتا ماڻهن کي ڏاڙهيندا اُتي جي مڪاني ادارن جي ذميوار آفيسرز ۽ ملازمن جون پگهارون بند ڪڪيون وڃن، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته، صوبي ۾ جتي به رولو ۽ ڇتن ڪتن جي آزار هجي ۽ ڪتا ماڻهن کي ڏاڙهين ٿا ڇو نه اتان جي ايم پي ايز جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ کي به معطل ڪجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي سربراهي ۾ بئنچ سنڌ ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي چڪڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏيندي چيو ته، جتي جتي ڪتا ماڻهن کي ڏاڙهين ٿا ڇو نه انهن علائقن مان چونڊيل ايم ايز کي معطل ڪجي ۽ اُهي ايندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ به نه ڏئي سگهن، جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪتن جي چڪڻ سان ايم پي ايز جو واسطو نه آهي، اُهي اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪري سگهن ٿا، ڪتن جو آزار ختم ڪرڻ ۽ ٻيا ان نوعيت/ قسم جا عوامي مسئلا حل ڪرڻ مڪاني ادارن سان گڏ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن جي ذميواري آهي.

سرڪاري وڪيل جي اهڙي موقف تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته اسان کي خبر آهي، هنن آفيسرن کي شهرين / ڳوٺاڻن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ايندڙ سرڪاري فنڊز مان ڪنهن ڪنهن کي ڪميشن ڏيندا آهن، رمارڪس ڏيندي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ وڌيڪ چيو ته، اسان جو منهن نه کولرايو وڃي ته بهتر آهي، عوام جو تحفظ ڪرڻ ايم پي ايز جو فرض آهي، جنهن به ايم پي اي جي تڪ ۾ واقعو پيش ايندو اهو سينيٽ جي چونڊن ۾ به ووٽ نه ڏئي سگهندو، عدالت چيو ته واقعو پيش اچڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن جون پگهارون بند ڪري کائن پوسٽون واپس ورتيون وڃن ۽ انهن جي ٻي ڪنهن جاءِ تي پوسٽنگ به نه ڏيڻ گهرجي. عدالت حڪم ڏنو ته ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ٻڌڻي دوران لاڳاپيل آفسرن پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي عدالت رپورٽ تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي سخت حڪم نامه جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سينيٽ جي ٽڪيٽ جو جهيڙو، لياقت جتوئي ۽ سيف الله ابڙو ۾ جهيڙو وڌي ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *