Thursday , March 28 2024

جاتي جي درگاهه مگر ڀين کي هزارين مڻ کير سان غسل ڏئي عرس جو افتتاح

جاتي ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) جاتي ڀرسان موجود درگاهه مگر ڀين جي قديمي مزار تي سالياني عرس جي شروعات کان اڳ هزارين مڻ کيسر سان درگاهه کي غسل ڏنو ويو. جاتي ۾ سنڌ جي قديم درگاه مگرڀين جي سالياني عرس جي موقعي تي  دلچسپ رسم طور سوين مڻ  کير ۾ گلاب جا گل ملايا ويا.رسم ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن سميت مختلف علائقن مان آيل سوين زائرين به درگاه جي اڱڻ ۾ موجود کير سان ڀريل حوضن مان دليون ڀري درگاه کي غصل ڏيڻ ۾ حصو ورتو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ قديم رسم ۾ درگاه جا مريد کير، پاڻي، گلاب جون پتيون ۽  چن ملائي درگاه کي غسل ڏنو ويندو آھي. ھن رسم جي پھرين مرحلي ۾  رسم کان ھڪ ڏينھن اڳ درگاه جي حوضن ۾ مريد ۽ عقيدتمند عورتون پاڻي ڀرين ٿيون ۽ درگاهه جي حوالي سان ڳيچ ڳائين ٿيون. عرس جي موقعي تي عقيدتمند ۽ مريد کير وڪرو نه ڪندا آھن درگاه جي مريدن جو چوڻ آھي ته ھي رسم اسان جا ڪيترائي نسل ڏسي چڪا آھن، ان ۾ اسان درگاه جي مقبري جو رنگ اڇو ھئڻ جي نسبت سان کير سان  غسل ڏيون ٿا ۽ مرادون به باسيون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *