Tuesday , March 19 2024

ثقافت کاتي پاران لنڊن سميت پرڏيهه ۾ ميوزيڪل نائيٽس ڪرائڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري

سکر( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ  ڪورٽ، ثقافت کاتي پاران لنڊن ۾ سنڌ جي ثقافت اجاگر ڪرڻ جي نالي تي سڏايل راڳ جو پروگرام ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، گذريل پنجن سالن دوران ڪرايل ميلن تي خرچ ڪيل رقم جا تفصيل به طلب. ينيئر صحافي ۽ وڪيل سهيل ميمڻ جي جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس مبين لاکو جي ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار سهيل ميمڻ عدالت آئيني پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ته، سنڌ جا قديمي ماڳ تباهه ٿي ويا آهن، ثقافت کاتو انهن جي سار سنڀال لهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود به سنڌ جو تفريحي ۽ تاريخي ماڳ گورک هل اڃا تائين مناسب ترقي حاصل ناهي ڪري سگهي.

گورک تي مناسب سهولتون ۽ روڊ کنڊر بڻيل هجڻ ڪري سياح ڏکيو سفر ڪرڻ کان لنوائي رهيا آحن جنهن سبب گورک هل اسٽيشن به خوبصورت ماڳ هجڻ باوجود مڪمل طور تفريحي ماڳ بڻجي ناهي سگهيو. گورک هل تي ڏکيائين باوجود به جيڪي سياح پهچن ٿا انهن بابت به ڪو رڪارڊ وغيره نه ٿو رکيو وڃي. ايستائين جو قديم ماڳن تي ڪو انفارميشن سينٽر تائين ناهي هوندو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت/ ثقافت کاتو لنڊن ۾ موئن جو دڙو جي نالي ۾ ميوزيڪل نائيٽ ملهائي پئي وڃي، جيڪو عمل سنڌ جي ماڻهن جي ٽيڪس جو پئسو ضايع ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جي موقف تي ثقافت کاتي جي لنڊن ۾ رٿيل اهڙي ميوزيڪل نائيٽ ملهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. ان سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ، عدالت سنڌ  حڪومت پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي کي ساليانو 300 ملين رپيا بجيٽ تي ٿيندڙ پروگرامن خلاف به استي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهڳ ٻڏڌايو وڃي ته ڇا ثقافت کاتي سنڌ جي ٻ وڏ متاثرن جي سهائتاا لاءِ ڪو فنڊ ريزنگ پروگرام ڪيو  آهي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ سهيل ميمڻ جي درخواست تي سنڌ ۾ گذريل پنجن سالن دوران ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڪهڙا ۽ ڪيترا ميلا /فيسٽيول ڪراايا ويا آهن، انهن تي ڪيترا پئسا خر ٿيا يا سنڌ حڪومت انهن کي ڪيترو ڪيترو فنڊ ڏنو؟ ان جا مڪمل تفصيل عدالت کي مهيا ڪيا وڃن. درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي 14 مارچ تي ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *