Thursday , April 18 2024

تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران سنڌ حڪومت کي مليل ساڍا 5 ارب رپيا ڪاڏي ويا؟

سنڌ حڪومت تيل ڪمپنين کان مليل 5 ارب 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ واري رقم آخر ڪاڏي ڪئي؟

ڪراچي (رپورٽ آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي صوبي ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گئس جي ڪمپنين پاران پنجن سالن دوران ”سوشل ويلفيئر فنڊز“ جي مد ۾ مليل 5 ارب 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪٿي خرچ ٿي آهي يا نه ان جي جاچ لاءِ آڊيٽر جنرل کي فنڊز جي آڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت ان ڳالهه تي به تعجب جو اظهار ڪيو آهي ته، سنڌ حڪومت هيل تائين، پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽين جا چيئرمين به مقرر ناهي ڪري سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم سنڌ جي21 ضلعن ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران لاڳاپيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلي ۾ ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد ڪريم خان آغا (ڪي ڪي آغا) ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 2013 کان هيل تائين صوبي جي 21 ضلعن ۾ تيل ڪمپنين پاران سوشل ويلفيئر فنڊ، پيدواري بونس ۽ ميرين رسرچ جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي مليل فنڊز بابت آئيني درخواست تي مختلف ٻڌڻين کانپوءِ محفوظ ڪيل عبوري فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.  عدالت آڊيٽر جنرل کي به هدايت ڪئي آهي ته، سنڌ کي تيل ڪمپنين پاران مليل رقم جي آڊٽ ڪري مڪمل رپورٽ عدالت کي ڏني وڃي.

عدالت آڊيٽر جنرل آف پاڪستان، پيٽروليم واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل پيٽروليم ڪنسيشن ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري يد ممتاز علي شاهه کي 11 فيبروري تي ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي. ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ توانائي کاتي جي سيڪريٽري پاران پيش نه ٿيڻ تي به افسوس جو اظهار ڪيو. عدالت لاڳاپيل اختيارين کي حڪم جاري ڪيو آهي ته، اُهي پنجن ڏينهن اندر پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽين جا چيئرمين مقرر ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته، پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽيون جوڙي انهن جا هر ٽئين مهيني باقائدگي سان هر ٽئين مهيني اجلاس ڪرايا وڃن ۽ هڪ فوڪل پرسن به مقرر ڪيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ تيل ۽ گيس ڪمپنين کي حڪم  ڪيو آهي ته، گئس فيلڊز جي 5 چورس ڪلو ميٽرز واري علائقي ۾ ايندڙ سمورن ڳوٺن/آبادين کي فوري طور تي گئس مهيا ڪئي وڃي. عدالت پنهنجي ۾ حڪم ۾ چيو ته سنڌ حڪومت ڄاڻايل تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران ڏنل فنڊز جو گهڻي ڀاڱي استعمال ناهي ڪيو جيڪو سپريم ڪورٽ جي 2013 واري  حڪم جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ڪيو يا وري ان تي عمل ڪرڻ کي ضروري ناهي سمجهيو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته، تيل ۽ گئس ڪمپنين ڏنل اربين رپين جي فنڊز جو  مقامي ماڻهن کي ڪو فائدو ناهي ٿيو. انڪري ضروري آهي ته ان جي آڊٽ ڪئي وڃي، عدالت آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي فنڊز جي آڊٽ ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو آهي.

حڪم ۾ چيو ويو آهي ته 2013  کان هن وقت تائين سنڌ جي چيف سيڪريٽري طور رهندڙن جي نالن جي فهرست طلب ڪندي چيو آهي ته انهن سمورن چيف سيڪريٽريز کان فنڊز جي خرچ نه ٿيڻ سميت ان سان لاڳاپيل معاملن بابت پڇاڳاڇا ڪئي ويندي. ان عرصي دوران رهندڙ سمورن چيف سيڪريٽرين کان ان بابت پڇاڻو ڪيو ويندو ته سپسريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ آبزرويشن ڏيندي چيو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ سنڌ سرڪار رڳو عدالت تي مختگلف فائلز/ليٽرز جي گولا باري ڪرڻ چاهي ٿي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو ته وفاقي سرڪار پاران سوشل ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي 2 ارب 23 ڪروڙ 62 لک 67 هزار، پيداواري بونس جي مد ۾ 2 ارب 38 ڪروڙ 89 هزار 71 هزار ۽ ميرين ريسرچ جي مد ۾ 25 ڪروڙ 15 لک 77 هزار رپيا فراهم ڪيا آهن پر ڄاڻايل رقم جي استعمال ۽ پراجيڪٽس بابت عوام کان راءِ نه ورتي وئي جڏهن ته ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ واضع حڪم ڏنو آهي ته ڄاڻايل رقم جي استعمال بابت عوام کان راءِ ورتي ويندي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو پڻ چيو ته انتظاميه عوامي راءِ کي نظر انداز ڪري عدالتي فيصلي جي خلاف ورزي ڪئي آهي. ياد رهي ته گهوٽڪي جي رهواسي روشن لکڻ ۽ ٻين پاران تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود علائقن جي ترقي لاءِ فنڊز فراهم نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت سنڌ جي 21 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کان چيف سيڪريٽري معرفت رپورٽون طلب ڪيون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *