Saturday , April 20 2024

تلھار ۽ ڀرپاسي ۾ روڊ حاثا معمول بڻيل، 3 ڄڻن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ خلاف شٽر ڊائون هڙتال

جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، شٽربند هڙتال به ڪري سگهون ٿا: متاثر نوجوانن جا وارث / شهري

تلهار ( رپورٽ: منور لاشاري   سنڌسماءَچار) تلهار شهر ۽ ڀرپاسي ۾ روڊ حاثا معمول بڻجي وڃڻ، ٽريفڪ قانون تي عمل نه ڪرائڻ ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ فوت ٿيل ٽن ڄڻن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهرين شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي گرفتاري تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان. بدين ويجهو ڀرسان درگاهه شيخ عمر روڊ تي 6 هين مارچ تي ٻن ڪارن ۾ ٿيل ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ٽن نوجوانن اويس چان، رافيع پٽ جمالي ۽ صفيان آرئين جي فوت ٿيڻ واري وقعي خلاف شهرين ۽ فوتين جي وارثن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري شهر ۾ عام هڙتال ڪئي، هڙتال جي نتيجي ۾ شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. وارثن جو چوڻ آهي ته حادثي جو بدين ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو پر بدين پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي  رهي آهي، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هيل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هڙتال جي حمايت ڪندڙ سنڌ ترقي پسنڌ سول سوسائٽي سياسي سماجي مذھبي شھرين سميت آل واپاري ايسوسيشن جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جيستائين ٽن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويندا احتجاج جون سلسلو جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *