Friday , March 29 2024

تلهار ۾ واهه جي ڪپ تي پورهيت جي اجهي کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

تلهار پوليس بااثر جوابدارن کي بچائڻ جي چڪر ۾ آهي: متاثرن جو الزام

تلهار( منور لاشاري   رپورٽرسنڌسماءَچار) ت چينل موري ڀر ۾ واهه جي ڪپ تي ڪکائين گهر ۾ رهندڙ پورهيت جي گهر کي اڻسڃاتل ماڻهو باهه ڏئي ڀڄي ويا، پورهيت جو اجهو سڙي رک ٿي، ڪکائين گهر ۾ رکيل سمورو سامان به رک، متاثر پورهيت جي گهرواري فاطما جو چوڻ آهي ته علائقي جي بااثر ماڻهن اسان کي واهه جي ڪپر تان لڏڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا، منهنجو مڙس مزدوري سانگي ويل هو، هن ٻڌايو ته علائقي جا بااثر ماڻهو پنهنجن ڏوهاري قسم جي ماڻهن ذريعي جهڳي کي باهه ڏئي ڇڏيو، گهر ۾ رکيل کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٻيو سامان به سڙي رک ٿي ويو آهي، اسان سِرُ بچائي ٻاهر نڪري سگهياسين، دانهڻ باوجود پوليس جوابدارن پارو ڪولھي ۽ غني ساند خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، تلھار پوليس وٽ کڻي پھتس پر پوليس به بااثر جوابدارن کي بچائڻ جي چڪر آهي، هن ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف پڪي ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڏياريون وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *