Saturday , April 20 2024

تعليم کاتي جو سيڪريٽري احسن منگي جبري موڪل تي روانو

خالد حيدر شاهه سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي مقرر

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) صوبائي  وزير سعيد غني جي تعليم کاتي جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ کاتي ۾ انتظامي سطح جون تبديليون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ن آهن، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري احسن منگيءَ کي جبري موڪل تي اماڻي کاتي جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو  هي ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جو سيڪريٽري احسن منگي موڪل تي وڃي رهيو هيو آهي.

تعليم کاتي جو قلمدان ملڻ کانپوءِ سعيد غني پاران انتظامي تبديلين جي مناسبت سان ٿيندڙ ڪوششن بابت سنڌسماءَچار هڪ ڏينهن اڳ ۾ ئي اهڙي خبر ڏئي چڪي هئي. جنهن ۾ اهو واضح طور تي چيو ويو هو ته، وڏي وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي هئي ته احسن منگي جي بدلي ۾ تڪڙ ناهي ڪرڻي، ان لاءِ ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو. اهو ئي سبب آهي جو احسن منگي کي عهدي تي هٽائڻ يا نه هٽائن واري معاملي تي وڏي وزير جي هدايتن تي احسن منگي کي زبردستي/ جبري موڪل تي رونو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ حڪمن تائين خالد حيدر شاهه کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ان کان اڳ ۾ سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.

سعيد غني من پسند سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي ڳولا ۾

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *