Saturday , April 20 2024

تعليم کاتي جا ڪامورا ڪرپشن ۾ به اڳتي؛ جان ڇڏائڻ جا به ماهر

پلي بارگين يا وي آر ڪندڙ ڪامورن کي پوسٽنگ ناهي ڏني:اي اي جي غلام مصطفيٰ مهيسر

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) تعليم کاتو سنڌ ۾ تعليم جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ اڳڀرو هجي يا نه پر ڪرپشن ۾ سڀ کان اڳرو آهي ته تعليم کاتي جا ڪامورا ۽ ملازم جهڙي ريت ڪرپشن ڪرڻ جا ماهر آهن اهڙي طرح ڪرپشن بعد پڪڙجي پوڻ تي جان ڇڏائڻ جا به ماهر آهن. اهڙو انڪشاف سومر واري ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ قائم بئنچ آڏو ڪرپشن ڪرڻ ۽ پڪڙجڻ بعد پلي بارگين يا وي آر ڪندڙ آفيسرز واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٿوي. عدالت ۾ نيب اختيارين پاران هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته، نيب پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي ڪامورن ۽ ملازمن پاران ڪرپشن واري رقم واپس ڪرڻ واري مرحلي تعليم کاتو سڀ کان اڳڀرو آهي. رپورٽ مطابق ڪاليج ايجوڪيشن جي 6 ملازمن نيب کي رقم واپس ڏني، ورڪس اينڊ سروسز جا 15 ملازم به شامل آهن.رپورٽ موجب رقم واپس ڪندڙن ۾ پوليس، خوراڪ، زراعت، آبپاشي، لوڪل گورنمينٽ، ناڻي کاتي جي 15، آبپاشي، مڪاني ۽ خوراڪ سميت مختلف کاتن جي 9 کان 19 گريڊ جا آفيسر شامل آهن. ايگريڪلچر سپلاءِ جي ٻن، فوڊ کاتي جا 26، فاريسٽ اينڊ وائيلڊ لائيف کاتن جي ٻن ۽ صحت کاتي جي 6 ملازمن به رضاڪاراڻه طور رقمون واپس ڪيون، نيب کي رقمون واپس ڪندڙن ۾ آبپاشي کاتي جا 27، لوڪل گورنمينٽ جا 50 ملازم، پوليس جا 8، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جا 5، ايس اينڊ جي ڊي جا 9، جهنگلي جيوت ۽ ڪاليج ايجوڪيشن جي گريڊ 9 کان 19 تائين جا آفيسر ۽ ملازم شامل آهن. عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل بيرسٽر مصطفيٰ مهيسر رپورٽ پيش ڪندي چيو ته رضاڪاراڻي طور رقم واپس ڪندڙ 80 سيڪڙو ملازمن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي. گذريل ٻڌڻي تي عدالت پنهنجو اڳوڻو حڪم نامو برقرار رکيو هو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وي آر يا پلي بارگيننگ ڪندڙ ڪنهن به آفيسر کي اهم عهدي تي مقرر نه ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *