Thursday , April 25 2024

تعليم واري وزير استادن جي اهليت ۽ پ پ جي 11 سالن جي حڪومت تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، پنهنجي کاتي ۽ پيپلزپارٽي جي 11 سالن جي حڪومت جو به اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو آهي، تعليم واري وزير هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته، سنڌ ۾ هڪ لک 35 هزار استاد اهڙا آهن جن کي سائنس ۽ رياضي پڙهائڻ به نه ٿي اچي، صوبي جي اڪثر اسڪولن ۾ شادين ۽ دعائن جون تقريبون ٿي رهيون آهن، اهو سڀ ورثي ۾ مليو آهي. ڪراچي ۾ تعليم بابت ڪوٺايل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي صوبائي وزير اعتراف ڪيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 35 هزار استادن کي سائنس ۽ رياضي پڙهائڻ نه ٿي اچي، اهڙن استادن کي سسٽم مان ڪڍي به نه ٿا سگهون، انهن کي سسٽم ۾ برقرار رکيو ويندو. ورڪشاپ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ شادين جون ۽ ٻيون تقريبون ٿين ٿيون ۽ تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هاڻي اهڙن اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سردار شاهه چيو ته اهو سڀ ڪجهه اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. صوبائي وزير چيو ته اسان وٽ جادوءَ جي ڇڙي نه آهي جو اک ڇنڀ ۾ سمورو سسٽم تبديل ڪري ڇڏيون. سردار شاهه چيو ته بدقسمتي سان اهڙو ڪو به قانون موجود نه آهي جيڪو اسڪول لفظ جي تشريح ڪندو هجي. اهڙو ڪو قانون هجي ها ته اڄ هڪ ڪمري وارا ۽ بنا واش روم اسڪول نه هجن ها. هڪ صحافي پاران اهڙو قانون موجود هئڻ جي نشاندهي ڪرڻ تي صوبائي وزير چيو ته قانون ته موجود آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي. سيمينا ر دوران ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته اهو سڀ ڪجهه کين ورثي ۾ مليو آهي.

ياد هجي ته گذريل 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت رهي آهي ۽ ان دوران تعليم کاتو به پ پ پ وٽ ئي رهيو آهي، مختلف حڪومتي دورن دوران پير مظهرالحق، نثار کهڙو، ڄام مهتاب ڏهر تعليم کاتي جا وزير رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *