Friday , April 26 2024

تعليم واري وزير سعيد غني کي ڪرونا وائرس جي تصديق

ڪرونا جي ڪا به ظاهري علامت نه آهي، ان باوجود به ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي: تعليم وارو وزير

عوام ڪرونا کان بچڻ لاءِ حڪومتي قدمن تي سختي سان عمل ڪري: سعيد غني

ڪراچي(چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ هلندڙ مهم ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ تعليم وارو وزير سعيد غني به وائرس ۾ مبتال ٿي ويو آهي، سعيد غني پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته، کيس ڪرونا جي ظاهري علامتن مان ڪا به علامت نه هئي، پر ٽيسٽ ۾ کيس ڪرونا جي تصديق ٿي آهي. تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ پ پ پ جي سينئر اڳواڻ سعيد غني ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، پنهنجي ٽويٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ سعيد غني چيو آهي ته، گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي، جنهن ۾ رپورٽ مثبت آئي آهي. هن چيو ته مونکي  ڪرونا جون ٻيون ڪي به ظاهري علامتون نه هيون، صرف احتاط طور ٽيسٽ ڪرائي جيڪا مثبت آئي آهي، مون ڪرونا جي روڪٿام واري مهم دوران تمام گهڻو احتياط ڪيو پر ان جي باوجود به  ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويس. سعيد غني چيو ته مان پاڻ کي مڪمل صحتياب سمجهان ٿو، پنهنجون ذميواريون گهر اندر آئسوليشن ۾ رهي ادا ڪري رهيو آهيان، شهري به پنهنجي گهرن ۾ رهن. مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن کي گهرن تائين محدود ڪرڻ چاهيون ٿا پر اهي غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهين جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي، عوام کي لاڪ ڊائون ۽ سنڌ حڪومت جي ڪرونا وائرس کان بچڻ وارين هدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *