Saturday , April 20 2024

تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملو، 5 اهلڪار شهيد،6 ڄڻا زخمي

تربت ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تربت جي سبوڪ واري علائقي ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي اوچتو حملو ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. سبوڪ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي  تي فائرنگ ڪئي ته تيز رفتاري سبب گاڏي ڪلٽي ٿي پئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جا وڌيڪ اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. سيڪيورٽي ذريعن موجب شهيد اهلڪارن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل مصعود، حوالدار ذاڪر، سپاهي مسعود، فرمان الله، شهباز ۽ قيصر شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب زخمين ۾ قمبر، اسد الله، سهيل، بلال ۽ صفت الله ۽ حنيف شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *