Friday , March 29 2024

تربت واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 سنڌ واسي پورهيت شهيد

turbat-hospital

حب: تربت ويجهو هوشاب واري علائقي ۾ هڪ ڀيرو وري اڻسڃاتل هٿياربندن روڊ تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پورهيت ٿڏي تي شهيد ٿي ويو ۽ 2 پورهيت مرڻينگ ٿي پيا.

ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرن ۾ شهيد ٿيل پورهيتن جو واسطو سنڌ سان آهي.

ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ جو چوڻ آهي ته، پورهيت هوشاب واري علائقي ۾ روڊ جي تعمير واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيا هئا، ٻن موٽرسائيڪلز تي سوار هٿياربندن پورهيتن تي انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت ٿڏي تي مارجي/شهيد ٿي ويو ۽ ڪجھ پورهيت مرڻينگ ٿي پيا، زخمي پورهيتن کي ليويز اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي اسپتال منتقل ڪري رهيا هئا ته، 2 پورهيتن رستي ۾ ئصي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڊي سي ڪيچ جو چوڻ آهي ته شهيد پورهيتن جو واسطو سنڌ جي خيرپور ضلعي سان آهي، جن جي مڪمل سڃاڻپ بعد تفصيل جاري ڪيا ويندا.

ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته پورهيتن تي فائرنگ ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واقعي بعد آساني سان جابلو علائقي ڏانهن ڀڄي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *