Friday , March 29 2024

تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪرڻ جون تياريون

 ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءچار) وفاقي حڪومت پاران تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪرڻ لاءِ حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، بجيٽ کان پوءِ ٽي ايل پي کي سياسي سرگرمين جي اجازت ملي ويندي. وفاقي حڪومت پاران توهين آميز خاڪن خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻي ٽن ڏينهن تائين ملڪ جي مختلف شهرن کي جام ڪندڙ ۽ پنجاب ۾ پوليس تي حملا ڪرڻ جي الزام هيٺ تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي. ان دوران مختلف مذهبي تنظيمن ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وچ ۾ ٽي ايل پي تان پابندي ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون هلندڙآحن، گهرو وزير سميت گهرو وزارت جي اهم ۽ طاقتور شخصيتون پڻ ان انهن ڳالهين جونحصو رهيون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق وزيراعظم عمران خان، وفاقي گهرو وزير۽ تحريڪ انصاف جي سينئر قيادت سن گڏ طاقتور ڌريون به ان ڳالهه تي متفق ٿي ويون آهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪئي وڃي، ان لاءِ مستقبل ۾ ماضي جهڙن سرگرمين کان پاسو ڪرڻ لاءِ ٽي ايل پي قيادت کي ضمانت ڏيڻي پوندي. مليل ڄاڻ موجب مئي مهيني جي آخري يا وري جون جي پهرين هفتي ۾ وفاقي ڪابينا ان سلسلي ۾ ٽي ايل پي پابندي ختم ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ وفاقي حڪومت کي ندرخواست ڏيندي، جيڪا وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي؛ ذريعن موجب ڪابينا ٽي ايل پي جي اهڙي درخواست تي غور ويچار لاءِ ڪميٽي جوڙيندي جيڪا ٽي ايل پي تان پابندي ختم ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏيندي ۽ اهي تجويزون وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون، جنهن بعد ابتدائي طور محدود سياسي سرگرمين جي اجازت ڏني ويندي ۽ مرحليوار ٽي ايل پي تي لڳايل پابندي کي ختم ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *