Tuesday , April 23 2024

تحريڪ انصاف ۽ ٽي ايل پي (پابندي مڙهيل) جو مقصد هڪ ئي آهي: وزيراعظم

فرانس جو سفير واپس ڪرڻ جو مطلب يورپي ملن سان لاڳاپا ختم ڪرڻ آهي، ائين ڪيوسين ته اسان جو اڌ ايڪسپورٽ بند ٿي ويندو، رپئي جو مُلهه ڪِري پوندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته تحريل لبيڪ پاڪستان(دهشتگردي قرار ڏئي پابندي مڙهيل) جو مقصد هڪ ئي رڳو طريقي جو فرق آهي، پر فرانسيسي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جو مطب سمورن يورپي ملڪن سان لاڳاپا ختم ڪرڻ آهي. قوم کي خصوصي خطاب ڪاب ڪندي وزيراعظ۾ چيو ته، اسان جي محبتن جو مرڪز نبي ڪريم ﷺ آهي اسان مغرب وارن کي سمجهائينداسين ۽ ان لاءِ مان پاڻ اڳواڻي ڪندس ته توهين رسالت ﷺ   ڪنهن به صوصرت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي اها اظهار جي آزادي جي زمري ۾ اچي ٿي.  وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، اسان چاهيون ته ڪنهن به ملڪ ۾ اسان جي نبي صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي نه ٿئي، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سمورا مسلمان ملڪ گڏجي اولهه جي ملڪن سانهن مسئلي تي ويهي ڳالهائيندا، قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته

وزير اعظم چيو ته 50 مسلمان ملڪ آهي، ڪٿي به مظاهرو ناهي ٿيو، نه ئي ڌرڻا هنيا ويا آهن، يورپي يونين سان تعلقات ٽوڙڻ، اڌ ايڪسپورٽ ختم ٿي ويندي، رپيو ڪرندو، مهانگائي ۽ غربت وڌندي، نقصان اسان کي ٿيندو، فرانس کي ڪجهه نه ٿيندو. وزير اعظم چيو ته 1990 دوران سلمان رشدي ڪتاب لکيو جنهن تي پاڪستان ۾ شديد رد عمل، سفارتخاني تي حملو ٿيو، ڪجهه ماڻهو فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ گستاخي جو سلسلو شروع ٿيو. هر ڪجهه سالن کانپوءِ گستاخي ڪئي وڃي ٿي، پر ڇا فرانس جي سفير کي واپس موڪلڻ سان اهو سلسلو رڪجي ويندو، ان جي ڪهڙي گارنٽي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن مهينن کان ٽي ايل پي سان ڳالهيون هلندڙ آهن، کين ٻڌايو هو ته هي معاملو ايترو سادو ناهي ان کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪنداسين، اسان معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وڃي رهيا هئاسين ته هنن احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ ڳالهين جو سلسلو ختم ٿيو.

وزيراعظم چيو ته هنن جي احتجاج دوران 40 پوليس جون گاڏيون ساڙيون ويون، خانگي ملڪيتن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، 4 پوليس اهلڪار شهيد، 800 زخمي ٿيا. 100ان دوران ٻاهران دشمن به ميدان ۾ اچي ويا. 380 انڊيا جا گروپ فيڪ نيوز هلائي رهيا هئا. اپوزيشن پارٽيون به وچ ۾ پيون، جيڪي انتشار ڦهلائڻ لاءِ هنن سان ملي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *