Friday , March 29 2024

تحريڪ انصاف عورت مارچ جي مخالفت ڪري ڇڏي، مارچ روڪڻ جو مطالبو

ڪجهه ماڻهو عورتن جي حقن جي نالي تي بي حيائي پکيڙڻ چاهين ٿا“

عورت آزادي مارچ” عورتن جي حقن لاءِ نه، پر سندن سڃاڻپ بگاڙڻ لاءِ آهي

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ اٺين مارچ تي سکر ۾ رٿيل مارچ جي سخت مخالفت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مارچ روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته، عورتن کانسواءِ قومون ۽ معاشري جي ڪاميابي ممڪن ناهي، پر ڪجهه ماڻهو عورتن جي حقن جي نالي تي بي حيائي پکيڙڻ چاهين ٿا. هن چيو ته “عورت آزادي مارچ” عورتن جي حقن لاءِ نه، پر سندن سڃاڻپ بگاڙڻ لاءِ آهي، مارچ جي نالي تي قوم کي ڏڦيڙ ۾ مبتلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. حليم عادل شيخ حڪومت کي به درخواست ڪئي ته آزادي مارچ جي نالي تي عورتن جي تذليل روڪي وڃي، هن چيو ته اسان عورتن جي حقن جي تحفظ جا ضامن آهيون، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ کي سندن جائز حق ڏيارڻ ۽ سندن حقن جو تحفظ ڪرڻ هر فرد تي فرض آهي، پر “ميرا جسم ميري مرضي“ ڪهڙي آزادي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته اسلام 1400 سال اڳ عورت کي سندس سمورا جائز حق ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته اسان عورتن کي وراثت، سياست ۽ معاشري ۾ برابري جو حق ڏيڻ جا حامي آهيون ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *