Friday , March 29 2024

تحريڪ انصاف حڪومت پاران 3 هزار 437 ارب رپين جي گهاٽي واري پيش

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ٻئي بجيٽ نئين مالي سال 2020-21  جي 3 هزار 437 ارب رپين جي گهاٽي واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، نئين مالي سال جي گهاٽي واري بجيٽ جو ڪُل ڪاٿو 71 کَرب 37 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. وفاقي وزير حماد اظهر بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته، ٽئڪس اوڳاڙين جو ڪاٿو 4 هزار 963 ارب رُپيا لڳايو ويو، وفاقي ترقياتي پروگرامن لاءِ 650 ارب رُپيا مخصوص، وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 13 سئو 24 ارب رُپيا لڳايو ويو، وفاقي وزير حماد اظهر بجيٽ پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا سوڌو ٻين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 70 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، دفاع لاءِ 12 کرب 89 ارب رپيا رکڻ، صحت جي شعبي لاءِ 20 ارب، ريلوي لاءِ 40 ارب مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

مالي سال 2020-21 جي بجيٽ دستا ويزن موجب هلندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڪاٿو 71 کرب 37 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ حڪومتي آمدني جو ڪاٿو فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان اوڳاڙين جي صورت ۾ 4 هزار 963 ارب رپيا ۽ نان ٽيڪس آمدني جي مد ۾ 16 سئو 10 ارب رپيا رکيو ويو آهي. بجيٽ دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، قومي مالياتي ڪميشن تحت وفاق صوبن کي 28 سئو 74 ارب رپيا ڏيندو، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاق جي گڏيل آمدني جو ڪاٿو 37 سئو ارب رپيا لڳايو ويو آهي. حڪومتي خرچن جو ڪاٿو 71 سئو 37 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، ان حساب سان بجيٽ خسارو 34 سئو 37 ارب رپيا رهندو، جيڪو ملڪي پيداوار جو ست سيڪڙو ٺهي ٿو. بجيٽ دستاويزن مطابق، پرڏيهي وسيلن مان 810 ارب رپيا آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، سڌي ريت ٽيڪس مان 2 هزار 43 ارب رپيا آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته اڻ سڌي ريت ٽيڪس ذريعي 2 هزار 920 ارب رپين جي آمدني جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وفاقي وزير حماد اظهر بجيٽ پيش ڪندي چيو ته، بچاءَ لاءِ 12 کرب 89 ارب رکيا ويا آهن، هن چيو ته بجلي پهچائڻ جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ 80 ارب رپيا، موسمياتي تبديلي لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويا آهن.وفاقي وزير چيو ته چيو ته معيشيت جي بهتري لاءِ اڏاوتي شعبي کي رليف ڏنو ويو، لاڪ ڊائون جي خراب اثرن جي ازالي لاءِ اسٽيٽ بينڪ به خاص رليف ڏنو، حڪومت عوام کي رليف پهائڻ لاءِ ڪا نئي ٽيڪس نه پئي لڳائي. سندس چوڻ هو ته احساس پروگرام کي 187 مان وڌائي 208 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. عوام کي سستي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ريلوي لاءِ 40 ارب رپيا، تعليم لاءِ 30 ارب، صحت لاءِ 20 ارب، خوراڪ ۽ زراعت لاءِ 12 ارب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي لاءِ 20 ارب ۽ قومي شاهراهن لاءِ 118 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 10 ارب رپيا، ڪامياب نوجوان پروگرام لاءِ 2 ارب رپيا، جڏهن ته فنڪارن جي مالي مدد 25 ڪروڙ مان وڌائي هڪ ارب رپيا ڪئي وئي آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گڏيل آمدني جو ڪاٿو 65 سئو 73 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، وفاقي ٽيڪسز ۾ صوبن جو حصو 28 سئو 73 ڏهائي 7 ارب رپيا هوندو. ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ 12 سئو ارب رپين کان وڌيڪ پيڪج جي منظوري ڏني وئي آهي، طبي اوزارن جي خريداري لاءِ 71 ارب رپيا ۽ غريب خاندانن لاءِ 150 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 51 ارب رپيا گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وفاقي ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 13 سئو 24 ارب رپيا هوندو، وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز لاءِ 650 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، جڏهن ته صوبن لاءِ 674 ارب رپين جي تجويز ڏني وئي آهي. هوٽل جي صنعت تي 6 مهينن لاءِ ٽيڪس جي شرح ڏيڍ سيڪڙو مان گهٽائي ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ تجويزن ۾ ايمرجنسي فنڊ لاءِ سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن، آزاد ڄمون ڪشمير لاءِ 55 ارب، گلگت بلتستان لاءِ 32 ارب، خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 56 ارب، سنڌ لاءِ 19 ارب ۽ بلوچستان لاءِ 10 ارب رپين جي خاص گرانٽ رکي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کان اڳ وفاقي ڪابينا ج اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پگهار ۽ پينشن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *