Friday , March 29 2024

تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو، رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جو آرڊيننس به جاري

ٻيٽن تي قائم ٿيندڙ نئين رياست / شهر جا سمورا ٽيڪسز اٿارٽي ذريعي وفاقي سرڪار ئي اوڳاڙيندي

آرڊيننس تحت اٿارٽي جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سمري ٽرائيل ذريعي مئجسٽريٽ موقعي تي سزا ڏيڻ جو به اختيار هوندو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻن ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو، صدر عارف علوي پارليامينٽ کي اورنگهيندي “ پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي” قائم ڪرڻ وارو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، گزيٽ به جاري، سنڌ حڪومت ڪا به مداخلت نه ڪري سگهندي، آرڊيننس تحت سنڌ جي ٻيٽن تي آباد شهر رياست اندر رياست هوندو، سمورا ٽيڪسز به وفاق اوڳاڙيندو. آرڊيننس بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق آرڊيننس جي تياري جولاءِ 2020 کان شروع ٿي، سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ جاري ڪري تاريخ آگسٽ مهيني جي لڳائي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سرڪاري ملڪيتن جي مالڪي وارن آئيني حقن، قانونوني اختيارن جا سمورا قائدا ۽ ضابطا هڪ پاسي رکندي، سنڌ جي ب ُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

ٻيٽن تي قبضي جي لاءِ صدرِ پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي آرڊيننس جاري ڪندي “ پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي”، قائم ڪري ڇڏي آهي. آرڊيننس جي مول متن مطابق، ٻيٽن جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ ۽ خريداري جو اختيار اٿارٽي کي هوندو، اٿارٽي ٻيٽن جي ملڪيت جي خريد ۽ وڪري ۾ سنڌ حڪومت جي ڪا به مداخلت نه هوندي. سنڌ جي ٻيٽن تي ڪيل قبضي کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل اٿارٽي، “ پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي” جي قيام کان 10 سالن تائين اٿارٽي آمدني تي ٽيڪس توڙي منافعي تي ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي. ٻيٽن تي خريداري ۽ وڪري جي اختيار سان گڏ سمورا ٽيڪسز وفاقي حڪومت قائم ڪيل نئين اٿارٽي معرفت وصول ڪندي. آرڊيننس بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، “ پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي” پنهنجي حدن ۾ پراپرٽي ٽيڪس وصول ڪرڻ، اٿارٽي ڪنهن اسڪيم لاءِ فيس، رجسٽريشن، ڊولپمينٽ يا ري ڊولپمينٽ في، مختلف قسمن جا ڊيوتي ٽئڪسز، پاڻي، سينيٽيشن في، سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ في، ليوي ۽ في لاڳو ۽ طئي ڪرڻ جو به اختيار هوندو.


صدر عارف علوي پاران جاري ڪيل آرڊيننس تحت قائم ڪيل “ پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي” سيڪنڊ شيڊول جي پارٽ هڪ ۾ ڏنل ڏوهن واري فهرست مطابق، الزام هيٺ آيل شخص کي ست سال قيد، 5 لک ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، اگر اهڙي ڏوهه ۾ ملوث شخص اٿارٽي فوري طور تي اهڙي ڏوهه کي ترڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ۽ پوءِ به هو اهو ڏوهه جاري رکي ته پوءِ اٿارٽي روزانو جي بنياد تي 50 هزار ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي. ڏوهن ۾ ملوث شخص/جوابدار کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، اٿارٽي جي هدايتن باوجود اهڙو ڏوهه جاري رکندڙ کي روزانو 10 هزار ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي. اٿارتي جي مول متن ۾ ٺاهيل قائدن ۽ ضابطن ۾ ڏوهن ۾ ملوث شخص/ جوابدار خلاف اٿارٽي جو آفيسر درخواست داخل ڪرائي سگهندو، آرڊيننس تحت جيڪڏهن ٻيٽن تي ڪم ڪندڙ ڪا ڪمپني به خلاف ورزي جي مرتڪب ٿي ته ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي. آرڊيننس تحت سمري ٽرائيل ذريعي موقعي تي ماجسٽريٽ سزا ڏئي سگهندو.

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *