Saturday , April 20 2024

تحريڪ انصاف جي حڪومت 1182 ارب رپين جو قرض کڻي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ سرڪار شروعاتي ڇهن مهينن ۾ رڪارڊ قرض کڻي ورتو آهي. ان حوالي سان مرڪزي بينڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پهرين جولاءِ کان 28 ڊسمبر تائين بجيٽ فنانسنگ لاءِ بئنڪنگ شعبي کان 624 ارب رپيا قرض ورتو. اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ سال جي پهرين ڇهه مهينن ۾ حڪومت بجيٽ سپورٽ لاءِ مرڪزي بئنڪ کان 1182 ارب رپيا قرض ورتو، جنهن کانپوءِ 28 ڊسمبر 2018 تائين بجيٽ سپورٽ جي مد ۾ حڪومتي قرضن جو ڪاٿو 9907 ارب رپيا ٿي ويو آهي. مرڪزي بئنڪ موجب ڪمرشل بئڪن کي پهرين ڇهه مهينن ۾ اڳ ورتل قرضن جي مد ۾ 557 ارب رپيا واپس ادا ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *