Tuesday , April 16 2024

تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ ڇڪتاڻ جي سياست ڪري اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

وفاقي حڪومت فوري طور تي مڪمل اين ايف سي ڏئي صوبن خاص طور تي سنڌ جي معاشي بحران کي ختم ڪري

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، وفاقي سرڪار اين ايف سي ايوارڊ نه ڏئي آئين جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، جنهن سان آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان گڏ صوبن خاص طور تي سنڌ کي معاشي بحران جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ عوامي مسئلن خاص طور تي ڪرونائ جي وبا تان ڌيان هٽائڻ لاءِ غيرضروري معاملا ڇيڙي ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪري رهي آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي  وزير مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، وفاقي بجيٽ مان لڳي ٿو ته ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا آهي ئي نه، وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي ڪابينا جو رويو ۽ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ مان ائين لڳي رهيو آهي ته عوام کي ڪرونا جي وبا مان ڪو خطرو آهي ئي نه، موجود حالتن ۾ وفاقي سرڪار صحت جي شعبي ۾ صوبن سان سهڪار ناهي ڪيو، وبائي بيماري جي صورتحال ۾ وفاق کي صوبن جي  صلاح مشوري سان هلڻ گهرجي ها پر افسوس ته وفاقي حڪومت صوبن خاص طور تي سنڌ پاران ڪرونا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هر قدم تي مخالفت ڪئي، بلاول چيو ته وفاقي حڪومت جي قدمن مان لڳي رهيو آهي ته ان کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اين ايف سي ڏيڻ ۾ وفااقي حڪومت ڄاڻي واڻي روڙا اٽڪايا، نئين اين ايف لاءِ جوڙيل ڪميشن کي تڪراري بڻائي نئون مالياتي ايوارڊ نه ڏنو ويو، جنهن سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ٿيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جي حصي جي مڪمل رقم جاري ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *