Friday , March 29 2024

تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهي: احسن قبال

لاهور/نارووال (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هٽلر وانگر حڪمراني ڪرڻ چاهي ٿو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي. اهو چوڻ آهي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال جو، هُو لاهور ۽ نارووال ۾ ميڊيا ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. احسن اقبال چيو ته، تحريڪ انصاف جي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. نارووال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي گھرو وزير احسن اقبال چيو ته عمران خان هٽلر وانگر حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو، سندس ڀڀڪين ملڪ ۾ غير يقيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. ملڪي معيشت فٽبال وانگر ڦِري رهي آهي، حڪمران اقتدار جو مزو ۽ سيلفيون ڪڍي رهيا آهن. ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان سدائين تشدد ۽ انتهائي غيرپارلياماني ۽ غير اخلاقي ڳالهيون ڪندو آهي، هو چاهي ٿو ته سندس اقتدار ۾ ڪو به آواز نه اٿاري سگھي. عمران خان سڄي دنيا ۾ وڃي ملڪ کي ڪرپٽ ثابت ڪري رهيو آهي. اسان کي عمران خان جي هوندي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت هر سطح تي ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت مان ڪنهن خير جي اميد رکڻ پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي. نيب جي حوالي سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نيب جو هڪ طرفو احتسابي عمل سياسي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف تي ڪا به ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي، ڪيس ٺاهڻ جو مقصد ن ليگ کي سي پيڪ جي سزا ڏيڻ آهي، اسان کي احتساب سان ڪو مسئلو ناهي پر او حڪمرانن کان شروع ٿيڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *