Friday , March 29 2024

تبليغين کي مسجدن تائين محدود ڪيو وڃي، عمل نه ٿيو ته ڪارروائي ٿيندي: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر

تبليغين کي محدود ڪري /مسجدن / تبليغي مرڪزن کي ڪورنٽائين سينٽر قائم ڪيا وڃن: آءِ جي سنڌ

ڪراچي( چيف رپورٽر: سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سنڌ ۾ آيل سمورن تبليغين کي مسجدن تائين محدود ڪري انهن مسجدن کي ڪورنٽائن مرڪزن ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، آءِ جيءَ جي حڪم کانپوءِ پوليس مختلف شهرن ۾ 600 کان وڌيڪ تبليغين کي مسجدن ۾ هٿيڪو ڪري ڇڏيو، ڪرونا اسڪريننگ ٿيندي. سنڌ پوليس جي سربراهه مشتاق مهر سمورن ايس ايس پيز کي حڪم ڪيو آهي ته سنڌ جي جن به شهرن ۾ تبليغي جماعت جا ماڻهو موجود آهن، انهن سمورن کي مسجدن يا انهن ئي شهرن جي تبليغي مرڪزن تائين محدود ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ جي حڪم موجب انهن مسجدن / تبليغي مرڪزن کي ڪورنٽائين ۾ تبديل ڪري سمورن تبليغي جماعتين جي ڪرونا اسڪريننگ ٽيسٽ ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ مشتاق شاهه جي اهڙي حڪم کانپوءِ پوليس خيرپور، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، ٽنڊوالهيار، دادو، خيرپور ناٿن شاهه سميت مختلف شهرن ۾ 600 کان وڌيڪ تبليغين کي هٿيڪو ڪري مسجدن / تبليغي مرڪزن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جتي سندن ڪرونا اسڪريننگ جو بندوبست ڪيو ويندو، امڪان آهي ته انهن سمورن جي اڄ صبح/ اربع ڏينهن اسڪريننگ شروع ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *