Friday , March 29 2024

تبديل پسند پارٽي ميدان ۾ نڪري پئي، دردن جو درمان هڪ ڀيرو سنڌ امان جي نالي تي ووٽ ڏيڻ ۾ آهي: علي قاضي

ٺٽو ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي 420 ڀوتار ڪروڙين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن، تن مان نجات جو واحد حل هڪ ڀيرو سنڌ ماءُ جي نالي تي ووٽ ڏيڻ ۾ آهي، اسان کي پنهنجي اندر مان خوف ۽ ڊپ ختم ڪري سنڌرو ٻڌي ڀوتارن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن گهارو لڳ ڳوٺ حاجي عبدالله ملاح ۾ تبديلي پسند پارٽي پاران منعقد ڪرايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. علي قاضي چيو ته تبديلي فطري ۽ اڻٽر آهي، پر اسان وٽ جيڪي ماحولياتي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن جو وڏو ڪارڻ قدرت جي قانون سان هٿ چراند آهي، شگر ملز مان نڪرندڙ زهريلو مادو، فيڪٽرين جي گدلاڻ ۽ ٻيلن جي تباهي سان سنڌ ۾ وڏي ماحولياتي تبديلي آئي آهي، پر اها تبديلي چڱائي واري نه آهي، ان ڪري تبديلي کي فطرت جي قانون سان ڳنڍڻ ضروري آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ 50 لک ماڻهو ڪاري ڪامڻ جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن، ڪمند سميت آبادگارن کي فصلن جو اگهه نٿو ملي، مهانگائي ۽ ڪرپشن چوٽ تي آهي، ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي ۽ سمنڊ زمين پائي رهيو آهي، اهي سمورا معاملا حل ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پر حڪومت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايندڙ عام چونڊن  ۾ سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سندرا ٻڌي ڀوتارن سان ملهه جي ويڙهه وڙهي کين تاريخي شڪست ڏيڻ لاءِ دما دم مست قلندر جو نعرو هڻن ته سندن قسمت بدلجي ويندي.ميڙاڪي کي تبديلي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مسعود وساڻ، علي شير مهر، قاضي انور، ڊاڪٽر عبدالله راڄپر، ملاح اڳواڻ آدم گندرو، گل حسن ملاح، مقبول ملاح، مولابخش پيروزاڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.ان موقعي تي ڳوٺ عبدالله ملاح جي ڳوٺاڻن امير ملاح پنهنجي برادري سميت تبديلي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *