Friday , March 29 2024

تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي پي ايس 63 تان چونڊن ۾ بيهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

علي قاضي – فائل فوٽو

حيدر آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي پي ايس 63 تان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي سمورن ٻرندڙ مسئلن جو حل احتجاج ۽ مظاهرا نه پر ووٽ ذريعي تبديلي آهي، ٽنڊو ڄام ۾ تبديلي پسند پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي گٽرن جو پاڻي پياريو پيو وڃي، نوجوانن کي روزگار نه پيو ملي، اها ڪهڙي سياست آهي جنهن ۾ عام ماڻهن جي مسئلن جو ڪو ذڪر ئي نه ٿو ٿئي، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جا ماڻهو تبديليءَ کي ووٽ ڏئي ثابت ڪندا ته هو ويڪائو مال نه آهن.

ٽنڊو ڄام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ پي ايس 63 حيدرآباد ٻهراڙي واري تڪ تان چونڊ وڙهندو. علي قاضي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي گٽرن جو گند مليل پاڻي پياريو پيو وڃي، 40 لک ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. اسان مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪندا رهون ٿا پر سکڻن احتجاجن سان مسئلا حل نه ٿيندا، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ واسين کي تبديلي لاءِ ووٽ جو حق صحيح نموني استعمال ڪرڻو پوندو. اسان جي ووٽن تي حڪمران پنهنجا محل ٺاهين ٿا، جڏهن ته نوجوان بيروزگاري جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن پر سندن ڪير به سار لهڻ وارو نه آهي. هن جو چوڻ هو ته نلڪي ۽ نوٽن تي ووٽ خريد ڪرڻ وارو دور گذري ويو، در تي لنگهي اچڻ تي ووٽ گهرندڙن کي هاڻي عوام وٽان مايوسي نصيب ٿيندي. علي قاضي چيو ته اقتداري ماڻهو ڳوٺن ۾ وڃي ڏسن ته کين خبر پئجي ويندي، هن وقت عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ ووٽ جي پرچي سان حڪمرانن کان پلاند وٺندو. علي قاضي چيو ته اها ڪهڙي سياست آهي جنهن ۾ عام ماڻهن جي مسئلن جو ڪو ذڪر ئي نٿو ٿئي، پر هاڻي سنڌ جو عوام اهڙي سياست کي رد ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ٻچن جي بهتر مستقبل کي آڏو رکي ووٽ جو استعمال ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *