Friday , April 26 2024

تبديلي سرڪار اظهار جي آزادي تي پابندين جي آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار

جيڪڏهن ڪنهن به مسئلي تي ڳالهائڻ، لکڻ، آڊيو يا وڊيو شيئر ڪرڻ اقتدر ڌڻين کي نه وڻي ته اهڙو مواد ڊليٽ ڪيو ويندو، ضرورت پئي ته اهڙي شخص خلاف ڪارروائي به ٿيندي

 

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) فاقي حڪومت پاران سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي ٿيندڙ اظهار جي آزادي کي قابو ۾ رکڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن لاءِ سماجي ويب سائيٽس جي سمورين ڪمپنين کي پاڪستان ۾ هيڊ ڪوارٽرز قائم ڪري ان جي مڪمل مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ ليڪٽرانڪ ايڪٽ جي ماتحت بڻائي لاءِ شروعاتي ۽ بنيادي ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. ان ئي سلسلي ۾ تبديلي سرڪار سوشل ميڊيا جا نوان قانون منظور ڪري ورتا آهن جيڪي تڪڙو ئي لاڳو ٿيڻ جا امڪان آهن، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس جي ذريعي ڪنهن به قسم جي خيال جو اظهار ڪرڻ، مسئلن بابت ڪجهه لکڻ يا وري آڊيو يا وڊيو جاري ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپيل اختياريون ڏسنديون ته جيڪڏهن اهي خيال حڪومتي هٿ ٺوڪين ۽ من پسند قانون جي ابتڙ آهن ته اها ويب سائيٽ، سوشل اڪائونٽ بلڪ ڪيو ويندو، وڏيڪ ضرورت پئي ان جي ڌڻي خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي.

سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اهڙي نئين قانون، ضابطن ٻي ٻولي ۾ پابندين جي منظوري ڏني وئي آهي، پر اڃا تائين ان بابت واضح طور تي عوام کي ناهي ٻڌيو ويو. اهڙي قانون کي اليڪٽرانڪ ايڪٽ جو حصو بڻائيندي عملدرآمد شروع به به ڪيو ويو هي. نئين قانون تحت يوٽيوب، فيس بُڪ، ٽوئيٽر، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ٽن مهينن ۾ پاڪستان ۾ رجسٽريشن لازمي ڪرائڻي پوندي، اسلام آباد ۾ آفيسز قائم ڪرڻ سان گڏ رابطا آفيسر به مقرر ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون تحت ڪمپنين کي هڪ سال اندر پنهنجو ڊيٽا پروسيسر سروسر ٺاهڻو پوندو، نئين قانون تحت سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيشنل اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا هيسائڻ ادارن کي نشانو بڻائڻ ۽ منع ٿيل مواد اپ لوڊ ڪندڙ اڪائونٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي، سهڪار نه ڪرڻ تي ڪمپني جي سروس معطل ڪئي ويندي، رولز کي فالو نه ڪندڙ ڪمپنين تي 50 ڪروڙ تائين ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا قائدن ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ هاڻي پارليامينٽ مان منظوري نه ورتي ويندي.

سنڌسماءَچار-وسيلن جي کوٽ باوجود هميشه اڳتي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *