Saturday , April 20 2024

تبديلي سرڪارملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي جو اعتراف ڪري ورتو

نون ليگ جي حڪمراني کان اسان جي حڪومت ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، تبديلي سرڪار نيٺ ملڪ ۾ مهانگائي جي سونامي جو اعتراف ڪري ورتو

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي تبديلي سرڪار انڪار ڪندي ڪندي نيٺ اهو مڃي ورتو آهي ته، نون ليگ جي حڪومتي دور جي ڀيٽ ۾ موجوده حڪومت اچڻ کانپوءِ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، سينيٽ اجلاس ۾ اقتصادي مامرن بابت وفاقي وزير حماد اظهر اعتراف ڪندي چيو آهي ته، 18-2017ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.69 سيڪڙو، 19-2018ع ۾ 6.80 سيڪڙو ۽ ڊسمبر 2019ع کان 2020 تائين 11.2 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ ناڻي وزارت 2013ع کان هن وقت تائين پرڏيهي قرضن لاءِ بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ گروي رکيل ملڪيتن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزارت جي رپوٽ ۾ چيو ويو آحي ته، گروي رکيل ملڪيتن ۾ اسلام آباد – چڪوال موٽروي سيڪشن، حافظ آباد – لاهور موٽروي سيڪشن، چڪوال – حافظ آباد موٽروي سيڪشن شامل آهن جن عيوض 3 ارب ڊالر جو قرض ورتو ويو آهي. ڏيهي قرضن جي بانڊن لاءِ فيصل آباد – پنڊي ڀٽيان موٽروي، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي کي به گروي رکي 4 کرب 34 ارب 92 ڪروڙ 30 لک جا بانڊز جاري ڪيا ويا آهن، سموريون ملڪيتون مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ گروي رکيون ويون آهن.

هلندڙ مالي سال جي ڇهن مهينن دوران 2198 ارب رپين جي مقابلي ۾ 2 هزار 85 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون ويون موجود حڪومت جي پهرين 9 مهينن ۾ مالي خسارو 1922 ارب تي پهچي ويو آهي، ان عرصي دوران 35 ارب رپين جو قرض ورتو، مٽاسٽا جي ناڻن جا ذخيرا وڌي 18 ارب ڊالر تي پهتا آهن. ناڻي وزارت سينيٽ جي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪاري ناڻي کي اڇو/قانوني ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل ايمنسٽي اسڪيم مان هڪ لک 24 هزار 587 ماڻهن فائدو ورتو جن کان 123 ارب رپيا وصول ٿيا، جڏهن ته نواز دور ۾ 80 هزار 68 ماڻهن فائدو ورتو ايف بي آر ۾ ڪرپشن جا 16 ڪيس سامهون آيا.

” ڪراچي اور سنڌ “: صوبائي وزير عذرا پيچوهو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *