Wednesday , April 24 2024

تبديلي به اهڙي جو 65 هزار ووٽن جي تصديق ئي نه ٿي،قاسم سوري جي ڪاميابي ڪالعدم

تبديلي به اهڙي جو 65 هزار ووٽن جي تصديق ئي نه ٿي،اين اي 265 تان پي ٽي آءِ اميدوار قاسم سوري جي ڪاميابي ڪالعدم

 

ڪوئيٽا (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي به اهڙي تبديلي جو بلوچستان جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 تي لڳ ڀڳ 65 هزار ووٽن جي تصديق ئي نه ٿي سگهي ۽ قومي اسيمبلي  جي ڊپٽي اسپيڪر جي ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي. بلوچستان جي صوبائي اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 تان ڪامياب ٿيل پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قاسم سوري جي ڪاميابي خلاف هارايل اميدوار لشڪري رئيساڻي چئلينج ڪيو هو، لشڪري رئيساڻي جي درخواست تي صوبائي اليڪشن ڪميشن ڪامياب قرار ڏنل پي ٽي آءِ جي اميدوار قاسم سوري جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته آهي ته، بلوچستان جي قومي تڪ اين اي 265 تي ڪاسٽ ڪيل هڪ لک 14 هزار ووٽن مان 65 هزار ووٽن جي تصديق ناهي ٿي سگهي ته اهي حقيقي آهن ياا جعلي، ان ڪري چونڊ نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ وارين درخواستن کي منظور ڪندي ڪامياب قرار ڏنل اميدوار قاسم سوري ( جيڪو هن وقت قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر آهي) جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.

نوابزاده لشڪري رئيساڻي چئلينج ڪيو هو ۽ 2018 جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، واضح رهي ته لشڪري رئيساڻي انهن پنجن اميدوارن ۾ کان هڪ هو جن اين اي 265 کان چونڊ ۾ حصو ورتو هو پر ان کي قاسم سوري هٿان شڪست کي منهن ڏسڻو پئجي ويو، بلوچستان نيشنل پارٽي جي اميدوار جي طرفان پنهنجي درخواست ۾ چيو ويو ته اين اي 265 جي چونڊ ۾ ٽوٽل هڪ لک 14 هزار ووٽ وڌا ويا، جن ۾ 65 هزار ووٽ غلط هئا. هُن اعتراف ڪيو ته چونڊون ڌانڌلي سٽيل هيون، ڇو ته 65 هزار جعلي ووٽن جي تصديق نه ٿي سگهي، ان درخواست ۾ جسٽس عبدالله بلوچ جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي ڪئي هئي 14 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو، اليڪشن ٽربيونل اين اي 265 ڪوئيٽا ٽو کان قاسم سوري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو ۽ تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *