Thursday , March 28 2024

بينظير ڀٽو کي گولي نه لڳي هئي، مروت وينا حيات واقعي ۾ ملوث نه هو: آصف زرداري

benzir bhutto 1

اڳوڻي صدر، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي سربراهه آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن کي ڌمڪي ڏيان ٿو ته ائين نه ٿئي جو سيف الرحمان وانگر حڪومت جو ڪو ٻيو وزير منهنجي پيرن تي ڪري ۽ معافي وٺي، نيب کي ڪهڙي طاقت آهي جو منهنجي يا ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائي، منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ سيف الرحمان به راڄ ماڻهن جي سامهون پيرين پئي معافي ورتي هئي. نواز شريف جون پاليسيون سمجهه کان ئي ٻاهر آهن، جيڪا حڪومت پاڻي جو مسئلو حل نٿي ڪري سگهي، اها ٻيا ڪهڙا مسئلا حل ڪندي، تخت لاهور کان ڪا زمين يا ٺيڪو وٺڻ نٿا چاهيون ۽ نه ئي انهن سان مائيٽي ڪرڻي آهي، ائين نه ٿئي ته ڪير اچي چئي ته اوهان کان جمهوريت نٿي سنڀالجي، نيب چيئرمين جي ڪهڙي مجال آهي جو مون تي ڪيس داخل ڪري، بينظير ڀٽو کي گولي نه لڳي هئي. ناهيد خان گاڏي ۾ هن سان گڏ اٿي بيهي ها ته بينظير شايد بچي وڃي ها.

اڳوڻي صدر ۽ پ پ پارليامينٽريرينز جي سربراهه آصف علي زرداري سينيئر صحافي حامد مير کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته فوجي عدالتن جي اسان اڳ به ٻن سالن لاءِ منظوري ڏني هئي، هڪ ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ سڀ پارٽيون شريڪ هيون، جڏهن ته هن سال به اسان هڪ ڪانفرنس سڏائي، جنهن ۾ شريڪ جماعتن جي سوچ هئي ته فوجي عدالتن ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ شيخ رشيد ۽ ٻين چيو هو ته اسان فوجي عدالتن جي حمايت ڪنداسين.

benzir bhutto 2

آصف زرداري فوجي عدالتن واري معاملي تي مولانا فضل الرحمان بابت ٻڌايو ان به فوجي عدالتن جي حمايت جي ڳالهه ڪئي پر پوءِ انهن جي سوچ تبديل ٿي وئي، ان بابت مون کي خبر ناهي.

Hamid Mir 1

هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته پاڪستان بابت پهريون ڀيرو اها ڳالهه ڪئي پئي وئي ته پاڪستان غير ذميوار ملڪ آهي ۽ اسان جو پاڙيسري ملڪ ان ڪم ۾ مشغول آهي، ڪڏهن اهو اوهان کي پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو ۽ ڪڏهن چئي ٿو ته اوهان کي دهشتگرد رياست قرار ڏياريندس، هن چيو ته فوجي عدالتون ڪيتريون ڪامياب وڃن ٿيون، اهو ته وقت ٻڌائيندو، بينظير ڀٽو ۽ پ پ ڪارڪنن جي قاتل دهشتگردن سان وڙهندڙ فوج جي رستي ۾ رڪاوٽ نه ٿا بڻجي سگهون، دهشتگردي ٻن سالن ۾ ختم نٿي ٿي سگهي، ڇو ته دهشتگردي جي ٿيندڙ واقعن ۾ ڪجهه پرڏيهي قوتون ملوث آهن، هن چيو ته بلاول ۽ آئون هن پارليامينٽ ۾ وينداسين، پنهنجي اعلان تي قائم آهيون، صورتحال کي ڏسي رهيا آهيون، سياسي شڪار لاءِ سياسي آکيري (پارليامينٽ) ۾ وڃڻو پوندو، اعتزاز احسن جو حق آهي ته ڪو به موقف رکي. اسان پارليامينٽ ۾ وڃڻ بابت فيصلي لاءِ گڏجاڻي ڪئي هئي، جنهن ۾ اعتزاز کانسواءِ ٻين اڳواڻن کي اعتراض نه هو.

حسين حقاني بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته حسين حقاني پاڻ کي واشنگٽن جو فلسفي،haqani

حسين حقاني بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته حسين حقاني پاڻ کي واشنگٽن جو فلسفي، لابسٽ ۽ دانشور سمجهي ٿو، هن جي سوچ ۽ اسان جي سوچ ۾ فرق آهي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ پاڪستان خلاف ڳالهيون لکيون آهن، جنهن سان اسان اتفاق نٿا ڪريون، حسين حقاني جي تازي مضمون ۽ آمريڪين کي ويزا ڏيڻ بابت آصف چيو ته سفارتخاني ۾ سفير کانسواءِ ڪجهه ٻيون ڌريون به هونديون آهن، جيڪي ويزائون جاري ڪنديون آهن، آمريڪين کي ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڳو حسين حقاني جو ڏوهه ناهي. آصف زرداري چيو ته حسين حقاني کي سوچي سمجهي آمريڪا ۾ سفير مقرر ڪيو ۽ ان کان جيڪو ڪم وٺڻو هو اهو وٺي ڇڏيو، ڪجهه دوست آهن، جيڪي پوءِ روزگار ڳولين ٿا، پاڪستان مخالف ڳالهه ڪرڻ سولو آهي. ايبٽ آباد ڪميشن واري معاملي تي آصف زرداري چيو ته، ايبٽ آباد ڪميشن واري رپورٽ جاري نه ڪرڻ پارليامينٽ ۽ ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جو گڏيل فيصلو هو، جيڪڏهن موجوده حڪومت رپورٽ جاري ڪري ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي. هن چيو ته آمريڪي دوري دوران حقاني سان ڪا به ملاقات نه ٿي، اوباما مان جيڪي اميدون هيون، ان تي هو پورو نه لٿو آهي، عرفان مروت کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ ۽ آصفه توڙي بختاور جي تنقيد واري سوال تي آصف چيو ته عرفان مروت جو نالو وينا حيات ڪيس ۾ آيو هو پر ان وقت ڪيل جاچ ۾ اهو ثابت ٿيو هو ته هو واقعي ۾ ملوث ناهي، اصل ڏوهاري پوليس جو ايس پي هو، ان کي پ پ جي زماني ۾ سزا ملي چڪي هئي، آصفه ۽ بختاور کي مروت جي حوالي سان موقف ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهي ميڊيا ۾ ايندڙ سڀ شيون پڙهن ٿيون ۽ معاملن کان آگاهه آهن، انهن جيڪو ٻڌو ۽ پڙهيو، اها ڳالهه ڪئي، منهنجي نياڻين جنهن عورت جو ذڪر ڪيو، اها ته عرفان الله مروت جي ڊپٽي اسپيڪر بڻجي وئي هئي، پ پ ۾ اچڻ لاءِ سڀني لاءِ دروازا کليل آهن، هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا صفدر عباسي ۽ ناهيد خان به پ پ ۾ اچي سگهن ٿا؟ جواب ۾ آصف چيو ته انهن جي پارٽي ۾ اچڻ لاءِ هڪ اشو آهي، جنهن ڳالهه تان اسان جي دل ٽٽي وئي هئي، بينظير ڀٽو سان ناهيد خان هميشه گڏ بيهندي هئي پر شهادت وقت اها هن سان گڏ نه بيٺي هئي، جيڪڏهن ناهيد گاڏي ۾ اٿي بيهي ها ته شايد بينظير ڀٽو جو بچاءُ ٿي وڃي ها، هن چيو ته بينظير ڀٽو کي گولي نه لڳي هئي، بينظير جي شهادت وقت اسان هوش حواس ۾ نه هئاسين، هن دوران مون کي دبئي مان هڪ فون آيو، ان ماڻهو چيو ته بينظير ڀٽو تي هڪ فلم ٺاهڻ چاهيون ٿا، ان وقت صفدر عباسي به چيو ته منهنجي ڀيڻ بينظير تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿي، مون ان کان پڇيو ته تنهنجي ڪهڙي ڀيڻ آهي، جنهن تي ان چيو ته منهنجي نه پر ناهيد جي ڀيڻ آهي، مون کيس چيو ته خدا جو خوف ڪر، اڃا بينظير جي قبر جي مٽي به آلي آهي، تون هينئر فلم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، اتان ئي اسان جي ڳالهه خراب ٿي، هن چيو ته بينظير ڀٽو تي هالي ووڊ ۾ هڪ ڊاڪيمينٽري ٺهي آهي، جنهن ايوارڊ به کٽيو آهي. سپر ماڊل ايان علي بابت سوال تي هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه مون کي بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي، منهنجو ايان علي جي معاملي سان ڪو به لاڳاپو ناهي، پ پ اڳواڻ لطيف کوسا ايان علي جو ڪيس وڙهيو، ان ڪري سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو، اها هنن جي عادت آهي، مون وٽ لاهور جي وڏين فيملين جا  اشوز آيا، هنن جي خاندان جا اشو آيا پر ڪڏهن به انهن اشوز ۾ نه پيم، آصف زرداري کان سوال ڪيو ويو ته شيخ رشيد نواز شريف ۽ اوهان لاءِ اهو چئي ٿو ته اوهان ٻئي هڪٻئي جي انشورنس پاليسي آهيو، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي صدارت جي دور ۾ هڪ دفعو شيخ رشيد مون سان گڏ ماني کائڻ آيو هو، شايد کاڌي ۾ لوڻ گهٽ هو.

 سوئيس بئنڪن ۾ رقمون موجود هجڻ بابت سوال تي هن چيو ته سوئيس بئنڪن ۾ منهنجون ڪي به رقمون ناهن، اتي غير ملڪين جون رقمون هونديون، پاڪستان جو ڪو به سياستدان ملڪ کان ٻاهر اڪائونٽ نٿو کولي سگهي، جڏهن ته ميان صاحب اڪائونٽ کولي سگهي ٿو، پ پ جي چئن مطالبن بابت سوال تي هن چيو ته 3 مطالبا تسليم ٿي ويا آهن، هڪ مطالبو رهيل آهي، هن چيو ته حڪومت وانگر مون کي به پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار آهي، جيڪڏهن فيصلو سرڪار جي حق ۾ اچي ٿو ته اهو ملڪ تي اثرانداز ٿيندو، هن چيو ته نيب چيئرمين جي ڪهڙي مجال آهي جو هو مون تي ڪيس داخل ڪري، ائين نه ٿئي جو سڀاڻي سيف الرحمان وانگر ڪو ٻيو منهنجي پيرن تي ڪِري، هن چيو ته گذريل عام چونڊن جي نتيجن کي جمهوريت لاءِ تسليم ڪيو، هاڻي سڀ مڃين ٿا ته اها آر او اليڪشن هئي، هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ بعد اسان تي غداري جو ڪيس داخل ٿيو ته ثابت ڪنداسين ته اسان تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي يا اڄ جيڪي حڪومت ۾ ويٺا آهن، انهن تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، آمريڪا جي نئين حڪومت بابت هن چيو ته اسان کي ريپبلڪن سان به گڏ ڪم ڪرڻو آهي، آئون آمريڪا ۾ ڪجهه شخصيتن سان مليو آهيان، جن ۾ نيويارڪ جو اڳوڻو ميئر به شامل آهي، اوباما مان آمريڪين کي به وڏيون اميدون هيون پر هو ڪنهن جي به اميدن تي پورو نه لٿو، هن چيو ته مون کي آمريڪا ۾ ڪا به انٽري نه گهرجي، آئون رڳو اهو سمجهائڻ چاهيان ٿو ته اسان خراب ناهيون، اسان لاءِ وڏي جنگ شروع ٿي وئي آهي، موجوده نواز حڪومت بابت سوال تي هن چيو ته اڄ اهو عالم آهي جو هنن کان پاڻي نه ٿو سنڀالجي، توهان جو پانڊ ليول ڊيڊ ٿي ويو آهي، مون کي تخت لاهور کان نه زمين وٺڻي آهي ۽ نه ئي ٺيڪو وٺڻو آهي، هي ڪوشش ڪن ٿا، هن چيو ته شرجيل کي ضمانت اسلام آباد مان ملڻي هئي، ان ڪري هتي آيو، نيب چيئرمين مراعتون ته حڪومت کان وٺي ٿو، مون کي ڇڏيو پر سپريم ڪورٽ ان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو آهي، اهو پڇيو اٿو؟ وقت بدلجندي دير نه ٿي لڳي، ائين نه ٿئي جو سيف الرحمان وانگر ڪو ٻيو وزير منهنجي پيرن تي اچي ڪري، هي وساري ويهن ٿا، آئون حڪومت کي ڌمڪي پيو ڏيان، نيب چيئرمين جي ڇا مجال آهي جو مون تي ڪيس داخل ڪري.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *