Thursday , March 28 2024

بيشڪ ڪرپٽ رڳو قومپرست ئي رهيا/آهن……اصغر آزاد

شاگرد سياست جي شروعاتي ڏهاڪي دوران  شاگرد اڳواڻن کي موٽر ڪارن ۽ هٿيارن جون پرمٽون به جيئي سنڌ وارن وٺرائي ڏينيون هيون؟ ائين انه…..؟؟

اصغر آزاد

مان ته اڻپڙهيل ڪورو ڄٽ آهيان، ڪچهرين ۾ پڙهيل لکيل دانشورن، صحافين ۽ ڏاهن کان عام طور تي اهو عام ٻڌو آهيان ته، سياست ۾ ڏوهاري صرف قومپرست رهيا آهن، ڪرپٽ، ونگارو به اهي رهيا آهن؛ باقي ماضي کان هيل تائين جيڪي سُرخا هئا يا اڃا به دعويدار آهن، اُهي اصل کير جا ڌوتل هئا ۽ آهن.

چلو ٺيڪ آهي موڳي مٽر کي اها ڳالهه قبول آهي، ڇو ته وڏا پر اڃا ڀي وڏا سينئر ۽ سينئر ترين دانشور، صحافي، قوم جا هڏ ڏوکي، غريبن لاءِ چوويهه ڪلاڪ هانءُ ڦاٽندڙ جو چون ٿا؛ سو سچ هوندو، ڇو ته مان ته سفا موڳو آهيان ۽ مون جهڙا ٻيا به کوڙ هوندا، پر اُهي چپ هوندا آهن ۽ مان پڇي وٺندو آهيا انڪري موڳو ته آهيان ئي پر وات ڦاٽوڙو به سڏيو ويندو آهيان….

انڪري اڄ به کڻي پڇي ٿا وٺئون ته، پيپلز پارٽي جي وڏيرن، جيالن پيرن، نئين دولتين جيڪا سنڌ جي ڀينگ ڪئي آهي ان کي مختلف جواز ڄاڻائي جسٽيفاءِ به قومپرست پيا ڪن؟؟ ائين نه….

رحمان ملڪ، شيري رحمان، فاروق ايڇ نائيڪ کي سنڌ مان سينيٽر به قومپرست چونڊرايو جن کي مليل ترقياتي فنڊز خرچ پنجاب ۾ ڪرايا، اها به قومپرستن جي سازش ۽ بدماشي آهي، ائين نه عالي جناب دانشورو؟؟؟؟

ٻيو ته ٺهيو پر ڀائو مولابخش چانڊيو به سينيٽري دوران مليل فنڊز پنجاب ۾ خرچ ڪيا، ڇو ته ان تي سنڌي قومپرستن جو سخت دٻاءُ هو، ويچاري حياتي بچائڻ لاءِ ائين ڪيو، انڪري ته قومرست وڏا بدماش آهن، ائين نه صرف ايڪسل جا ڌوتل دانشورو……

جيلن ڪاٽڻ جي عيوض هاڻي جمهوريت پسندي ۽ عوام دوستي جي نالي ۾ مختلف وقتن تي مختل ماڻهن جا فرنٽ مين ٿي، فائل ٽپائڻ وارو ڪم رڳو قومپرست ئي ڪن ٿا، باقي منهنجا عزت ماب سرخا ته اصل تغاريون  کڻي، سِر مزدوري ڪري، هلڪيون ڦلڪيون يا کڻي وڏيون نوڪريون ڪري نج پگهار تي مشڪل سان پيٽ پالين پيا….. هائو قسم سان ائين آهي ڇوته مها دانشور چون پيا نه ته قومپرست ئي وڏا بدماش هئا ۽ آهن…….

توهان کي اها به خبر هوندي ته هنن قومپرستن ئي ته مصطفيٰ نواز کوکر کي سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو آهي ، ڏسو آهن نه قومپرست ڪرپٽ……

رحمان ملڪ جي پٽ کي به سنڌ جي وڏي وزير جو اسپيشل اسسٽنٽ قومپرستن ڪرايو هو…. ائين نه؟؟؟؟؟

شاگرد سياست جي ابتدائي ڏهاڪي دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد اڳواڻن ۽ شاگرد ڪارڪنن ۾ موٽرڪارن ۽ هٿيارن جون پرمٽون به جي ايم سيد ورهايون هيون، شاگرد اڳواڻن جي وڏن ڀائرن، سئوٽ ماساتن کي نوڪريون به جيئي سنڌ وارن وٺي ڏنيون هيون ائين نه……

ها بس بس سمجهي وياسين عالي جناب قومپرستن جهڙي خراب مخلوق ڪا به ناهي، اوهان کي منهنجو سرخ سلام آهي…..

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *