Friday , March 29 2024

بيباڪ، ارڏو، سنيئر صحافي ۽ روزاني ڪوشش جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ به وڇڙي ويو

حيدر آباد( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ جو ارڏو، بيباڪ ۽ سينئر صحافي رشيد راڄڙ ڪئنسر جي مرض سان جهيڙيندي نيٺ زندگي جي جنگ موت هٿان هارائي ويو، رشيد راڄڙ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هاسپيٽل ۾ موت سان جهيڙيندي دم ڌڻي حوالي  ڪيو. رشيد راڄڙ گذريل ڪجهه سالن کان ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو. هن ڪئنسر سان جهيڙيندي آچر ۽ سومر جي وچ واري رات دير سان ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ موت سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو. رشيد راڄڙ جي لاڏاڻي واري خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پڙجي وئي. سندس وڇوڙي تي سنڌ جي صحافتي لڏي ۾ ڏک واري لهر ڇائنجي وئي وئي آهي.

رشيد راڄڙ 1990 ڌاري ڪراچي مان جاري ٿيل روزاني عوامي آواز جي ڌٻيورو چيف حيدر آباد طور پنهنجي صحافت جي شروعات ڪئي، جنهن بعد ڪجهه دوستن سان گڏجي روزني سنڌ اخبار جاري ڪئي. جنهن جنهن ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون ۽ ان سان گڏوگڏ ڪالاباغ ڊئم، ڌارين جي آبادڪاري ۽ اين ايف سي ايوارڊ سميت سنڌ جي اهم اشوز تي رپورٽنگ پڻ ڪندو رهيو. ٽنڊو بهاول سانحي جنهن ۾ ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل ڄاڻائي هڪ جڙتو مقابلي ۾ ماريوويو هو، ان واقعي واري اسٽوري منظر تي آڻيندڙ صحافين مان هو جنهن ۾ هن سان ارشاد گلاباڻي مرحوم به ساڻس گڏ هو. سنڌ اخبار۾ ڪجهه عرصو ايڊيٽر رهڻ بعد هو روزاني ڪوشش اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ آخري وقت تائين ان  ۾ ئي رهيو. ڪوشش جو ايڊيٽر ٿيڻ بعد هُو فيلڊ جنرلسٽ کي خدا حافظ ڪيو.

رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي ٻين صحافي دوستن سان گڏ سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙن مان هو. رشيد راڄڙ سياسي طور تي کاٻي ڌر سان واڳيل هو، هُن شاگردي واري دور کان ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) جي پليٽفارم تان عملي سياست ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان بعد به کاٻي ڌر جي سياسيت سان ئي واڳيل رهيو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *