Saturday , April 20 2024

بوٽ معاملو؛ فيصل واوڊا خلاف ڪيس داخل ٿيندو

بوٽ معاملو؛ ايڊيشنل سيشن جج ڪراچي ڏکڻ پاران فيصل واوڊا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ، پ پ پ ۽ نون ليگ اڳواڻن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي ڏکڻ جي مقامي عدالت نجي ٽي وي پروگرام ۾ بوٽ کڻي ايندڙ وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا خلاف  ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينئر وڪيل قادر خان مندو خيل جي درخواست تي ايڊيشنل سيش جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، قادر خان مندوخيل عدالت کي درخواست ڪئي ته، وفاقي وزير فيصل واوڊا پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جي سينئر  قيادت خلاف غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي، فيصل واوڊا پاڪ فوج جو تقدس به پائمال ڪيو، انڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، هن عدالت کي درخواست ڪئي ته فيصل واوڊا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي. ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ سيڪشن 22-اَي تحت قادر مندوخيل جي درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت درخواست اُڪلائيندي ميٺادر ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم جاري ڪيو ته، سي آر پي سي جي سيڪشڻ 154 تحت پ پ پ اڳواڻ جو بيان رڪارڊ  ڪيو وڃي، عدالت پنه جي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ته، قابل دست اندازي ڏوهه جي صورت ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر فيصل واوڊا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *