Friday , April 19 2024

بنگالين۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ جو مامرو- سنڌسماءَچار سميت سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ واسين جو رد عمل! پ پ جُهڪي پئي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل بنگالين ۽ برمين سميت ٻين پرڏيهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائي ڏيڻ واري اعلان تان پاڪستان پيپلز پارٽي پوئتي هٽي سنڌ واسين جي مخالفت آڏو جهڪي پئي آهي. نون ليگ پاران سينيٽ ۾ پاليسي بيان ڏيندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو هو ته بنگالين ۽ برمين کي پاڪستاني شسهريت ڏيارڻ لاءِ قانون سازي ڪري آئيني ترميم آندي ويندي. نون ليگ جي اهڙي موقف تي پ پ سينيٽ ۾ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو آهي.

ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير نثار کهڙُ، ڪراچي جي صدر ڊاڪٽر عاصم حسين، پ پ سنڌ جي صوبائي اڳواڻن، وقار مهدي ۽ راشد رباني اعلان ڪيو هو ته، سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي سنڌ ۾ ترسيل بنگلاين ۽ برمين سميت ٻين غير ملڪي شهرين کي پاڪستان جي شهريت ڏياري سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائي ڏنا ويندا. ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ ۾ نون ليگ جي مملڪتي وزير طلال چوڌري اعلان ڪيو هو ته، نون ليگ بنگالين ۽ برمين کي پاڪستاني شهريت ڏيارڻ لاءِ آئيني ترميم آندي ويندي.

غير قانوني پرڏيهين کي شهريت ڏيارڻ واري معاملي کي سنڌسماءَچار سميت سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ واسين سماجي رابطن جي سائيٽس تي سخت مخالفت ڪئي. اهڙي مخالفت ڏسي پيپلزپارٽي نيٺ پنهنجي ان هوڏ تان لهي پوئتي هٽي وئي آهي.

لاڳاپيل نيوز جي لنڪ

www.sindhsamaachar.com/2017/08/01/%D9%BE%D9%

پرڏيهين کي ڪراچي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ واري معاملي تي پ پ جي سينيٽرز مخالفت ڪندي سينيٽ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. پ پ جي سينيٽر عاجز ڌامراهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن غير ملڪين کي شهريت ڏني وئي ته پوءِ ملڪ ۾ ڪو به پاڪستاني نه بچندو. سينيٽ اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته، پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم واري فيصلي تي نظرثاني ڪري واپس ورتو وڃي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن نسرين جليل، نگهت مرزا ۽ نون ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت سينيٽ جي ايوان ۾ رٿ پيش ڪئي هئي. جنهن تي وفاقي سرڪار جي مملڪتي وزير داخلا طلال چوڌري رٿ تي ايوان ۾ حڪومتي پاليسي بيان ڏنو ته برمين ۽ بنگالين کي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري مسئلي جي حل لاءِ حڪومتي ڪاميٽي جوڙي آهي. هن چيو ته پ پ، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام غيرقانوني طور تي ترسيل بنگالين، برمين ۽ ٻين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪندو.

لاڳاپيل نيوز جي لنڪ

www.sindhsamaachar.com/2017/10/31/%D9%88%D9% 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *