Friday , March 29 2024

بلوچ قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جو پٽ گزين مري گرفتار

Gazain Marri 01

بلوچستان قومپرست اڳواڻ خيربخش مري جو پٽ ۽ اڳوڻو صوبائي گهرو وزير نوابزاده گزين مري ڪوئٽا مان گرفتار ٿي ويو آهي. گزين مري پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري 18 سالن کانپوءِ ڪوئٽا ايئرپورٽ تي پهتو ته کيس سوگهو ڪيو ڪيو ويو.

سنڌ سماءَ چار پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ مرحوم نواب خير بخش مري جو پٽ نوابزاده گزين مري جمعي ڏينهن جيئن ئي شارجا کان ڪوئيٽا پهتو ته کيس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو. ان کان اڳ پوليس سندس استقبال لاءِ پهتل مري برادري جي سوين ماڻهن کي ايئرپورٽ چوڪ وٽ ئي روڪي ورتو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گزين مري کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نواز مري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف گزين جي وڪيل ارباب محمد طاهر جو چوڻ آهي ته گزين جون سمورن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانتون ٿيل آهن، کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته گزين مري موجوده ايم پي اي چنگيز مري ۽ نوابزاده حير بيار مري جو ڀاءُ آهي، هو نواز شريف جي ٻئي حڪومتي دور ۾ بلوچستان جو گهرو وزير به رهي چڪو آهي. ياد رهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج نواز مري کي 7 جنوري 2000ع تي ڪوئيٽا جي زرغون روڊ واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ گزين مري، حير بيار مري ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو، گزين مري جي والد نواب خير بخش مري کي به گرفتار ڪيو ويو هو پر بعد ۾ کيس آزاد ڪيو يو هو. ٻئي طرف بلوچستان جي گهرو وزير چيو آهي ته گزين مري جي وطن واپسي ڊيل جو نتيجو ناهي، کيس جلد عدالت ۾ پيش ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *