Friday , March 29 2024

بلوچستان کانسواءِ ملڪ اڻپورو آهي، ملڪ دشمن پاڪستان خلاف واويلا پيا ڪن:آرمي چيف

Army chief 02

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته بلوچستان کانسواءِ ملڪ اڻپورو آهي، رياست مخالف عنصر دشمن ايجنسين جي تعاون سان پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 173 شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته قوم جي حمايت سان پاڪ فوج ملڪ کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ ڪو به پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي، ملڪ امن، استحڪام ۽ بلوچستان جي خوشحالي کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪ فوج سمورن اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن سان واڳيل آهي ۽ بلوچستان جا نوجوان سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت ۽ متحرڪ آهن، پڙهيل لکيل نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته غير ملڪي ايجنسين جي سهڪار سان پروپئگنڊا ڪندڙ رياست دشمن عنصرن وٽ نوجوان گمراهه نه ٿين ۽ منفي تاثر ختم ڪري قومي سالميت ۽ ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪن، تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي ۽ ان قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو، ڪوئيٽا ۾ يونيورسٽي جو قيام به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج نوجوانن کي محفوظ ۽ مستحڪم پاڪستان ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، دشمنن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *