Friday , March 29 2024

بلديا فئڪٽري سانحو، وڌيڪ دليلن لاءِ عدالت فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

بلديا سانحي ڪيس جو فيصلو آڪٽوبر مهيني ۾ ٻڌائڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت بلديا فئڪٽري سانحي ڪيس بابت وڌيڪ دليل ڏيڻ لاءِ ٻڌڻي 22هين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، گذريل ٻڌڻي تي عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ جو چئي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي هئي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ اڄ ڪيس جي فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان هو، انڪري  عدالت ۾ وڪيلن ۽ صحافين جو به وڏو انگ موجود هو. فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان انڪري به هو ته گذريل ٻڌڻي تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نمبر 7 جي جج آڏو ڪيس کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ لاءِ شاهدن جي  بيانن جي رڪارڊ ڪرڻ، پراسيڪيوشن جي شاهدن جا بيان، جوابدارن، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿي چڪا هئا. اڄ عدالت ۾ ڪيس جي وارو اِو ته سرڪاري وڪيل متاثرن پاران  سانحي بابت وڌيڪ دستاويز  عدالت آڏو پيش ڪيا، جن دستاويزن مطابق حڪومت ۽ پرڏيهي خريدار ڪمپني پاران متاثرن کي معاوضا ڏنا ويا هئا. اهڙي صورتحال کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻڌڻي 22 هين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالتي ذريعن موجب ڪيس جو فيصلو آڪٽوبر ۾ ٻڌائڻ جو امڪان آهن. بلديا سانحي ڪيس ۾ 2017 ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، رحمان ڀولا، زبير چريا ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو، سيپٽمبر 2012 ۾ ڪراچي جي سائيٽ بي ايريا ۾ فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب اڍائي سئو ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، ڪيس 8 سال ٻڌڻي هيٺ رهيو.

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *