Friday , March 29 2024

بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ پيپلز لائرز فورم به “ڪراچي اور سنڌ ” جو راڳ ڳائڻ لڳو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڪراچي اور سنڌ چوڻ کي صحيح قرار ڏنو هو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردااري پاران ڪجهه ڏينهن اڳ “ڪراچي اور سنڌ” وارو اسطلاح استعمال ڪرڻ کانپوءِ پ پ لائرز فورم ڪراچي ڊويزن به ساڳيو راڳ ڳائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پيپلز لائرز فورم ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ انفارميشن سيڪريٽري 9 مئي 2020 تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، “ صدر پيپلز لائرز فورم ڪراچي ڊويزن قاضي ايم بشير ايڊووڪيٽ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيل، پيپلز لائرز فورم PLF سنڌ ۽ ڪراچي جي ايگزيڪيوٽو باڊي اجلاس ۾……”

هيٺ ڏنل پيپلز لائرز فورم جي پريس رليز جو عڪس آهي، جيڪا پريس رليز پي ايل ايف ڪراچي ڊويزن جي پريس ترجمان راحت فضل چوڌري جي جاري ڪيل آهي، ان ۾ ڳاڙهي لڪير سان مينشن ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪراچي اور سنڌ لکيل آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران به ساڳيو اسطلاح استعمال ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سنڌ واسين پاران سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي سخت احتجاج ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ بلاول جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو وضاحتي بيان ڏيندي چيو هو ته،“پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو اسطلاح  جملي جي رواني طور استعمال ڪيو هو، انڪري ان تي ڪنهن به وضاحت يا معذرت جي ضرورت ناهي.

ان کانپوءِ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌي ٽي وي چئنلز جي ڊائريڪٽر نيوز جي وفد سان ملاقات دوران به چيو هو ته، ڪراچي اور سنڌ واري ڳالهه ڪرڻ تي هو معذرت ڪرڻ کي پنهنجي توهين سمجهي ٿو.

”ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي معافي وٺڻ کي پنهنجي توهين سمجهان ٿو“: بلاول ڀٽو زرداري

” اسان فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ کي بند ڪيون“: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *