Thursday , April 18 2024

بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي جان نشين جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسان غلط فهمي ۾ هئاسين ته ڪو نيب هڪ ٻار خلاف ڪيس داخل نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول پيپلزپارٽي جي جان نشين جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (خص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ پيپلزپارٽي جي لاءِ جان نشين چيئرمين جو اعلان اعلان ڪري ڇڏيو آهي، راولپنڊي ۾ جَي وِي اوپل ڪيس ۾ نيب آڏو پيشي تان واپسي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته، “جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته پوءِ سندس ڀيڻ آصفا ڀٽو زرداري آواز بڻجي ڳتي ايندي ۽ قيادت سنڀاليندي”، بلاول جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ايم ايف جي بجيٽ کي نٿا مڃون، دٻاءَ باوجود اسان پنهنجي جدوجهد تان نه هٽنداسين، نيب ٽيم سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هُنن سوالنامو ڏنو آهي، هڪ سال اڳ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو هو ته بلاول ڀٽو بيگناهه آهي، اُن باوجود هو نيب آڏو پيش ٿيو ۽ 3 ڀيرا پهرين به جواب ڏئي چڪو آهي. اهو سڀ ڪجهه سياسي انتقام ۽ منهنجي ڪردار ڪُشي جي مهم آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته هو عمران خان کي ٻڌائڻ گهري ٿو ته سندس پي ٽي آءِ ايم ايف بجيٽ قبول نه آهي، اُن کي پاڙي هوا ۾ اُڏائي ڇڏيندا ۽ ظلم توڙي معاشي قتل کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو. ڌمڪين ۽ دٻاءُ باوجود پيپلز پارٽي جو ڪارڪن به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي. بلول ڀ ٽو زردري جو چوڻ هو ته اها اسان جي غلط فهمي هئي ته اسان سمجهو هو ته نيب وار هڪ سال جي ٻار يعني منهنجي مٿان ڪيس نه ڪندي، ڇو ته مان ان وقت  سالن جو هئس جڏهن ان ڪمپني ۾ شيئر هولڊر ٿيو هئس.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *