Thursday , March 28 2024

بلاول ڀٽو زرداري پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان کي هڪ ڀيرو وري ساٿ ڏيڻ جي آڇ

بلاول ڀٽو زرداري پاران ايم ڪيو ايم پاڪستان کي منٿون

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران وفاقي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ حڪومتي اتحادين کي منٿو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، بلاول هڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم پاڪستان کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت جو ساٿ ڇڏي، پ پ پ جو ساٿ ڏئي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿئي. اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته متحده مطالبن تي عمل نه ٿيڻ باوجود حڪومت سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ جي اتحادين ۾ هاڻي گهڻو عرصو اتحاد قائم نه رهندي نظر نه ٿو اچي، بلاول چيو ته، مان نه ٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ جا اتحادي اُن سان ساٿ نڀائي سگهندا، وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي اتحاد ۾ ڏار پوڻ جو سلسلو رُڪجڻ وارو نه آهي، پي ٽي آءِ سرڪار ۾ اتحادين کي کڻي هلڻ جي اهليت ئي ناهي. بلاول ڀٽو زرداري صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. هُن چيو ته کيس سمجهي ۾ نٿو اچي ته مطالبن تي عمل نه ٿيڻ باوجود هو پي ٽي آءِ حڪومت سان اتحاد ۾ آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام جا به مسئلا حل نه ڪري سگهي آهي. ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ۽ متحده گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *