Wednesday , April 24 2024

بلاول ڀٽو زرداري نصرت سحر عباسي واري معاملي ۾ سنجيده ناهي – اصغرآزاد

جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ اسيمبلي ۾ امدا پتافي جي غيرمهذب زبان استعمال ڪرڻ واري معاملي تي واقعي سنيدگي سان ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ جيڪي به ويٺل هئا انهن سڀني خلاف ڪارروائي ڪري.
جنهن وقت سنڌي اسيمبليءَ ۾ امداد پتافي پنهنجي عقل جا گل پکيڙي رهيو هو، ان وقت ٻين پ پ ايم پي ايز سميت پ پ سنڌ جو صدر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙُ، وڏو وزير مراد علي شاهه به موجود هئا، وڏي وزير سميت سڀ جو سڀ يا ته خاموش تماشائين وانگر ويٺل هئا، يا وري امداد پتافي جي جي ”ڪارڪردگي“ تي کلي رهيا هئا، تيمور ٽالر به امداد پتافي جو ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هو.
سو موڳو مٽر سوچي ٿو ته، جيڪو بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو آهي ۽ نثار کهڙي کي هدايت ڪئي ته پتافي کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي ۽ نثار کهڙي به اهڙو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو……
سوال . نثار کهڙو سڄي وارتا وقت اسيمبلي ۾ موجود هو ۽ هن امداد پتافي کي روڪڻ بدران خاموش رهيو مطلب هوو ان سان سهمت هو..؟
وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايوان ۾ نه رڳو ويٺو هو پر ان جي چهري تي مسڪراهٽ هئي، خاموش تماشائي…؟
پوءِ اهو ڪهڙو جواز آهي جو پ پ پ جي سربراهه بلاول ڀٽو رڳو امداد پتافي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڪارروائي جي هدايت به انهن کي جيڪي سڄي معاملي دوران خاموش خاموش خاموش تماشائي هئا……

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *