Tuesday , April 23 2024

بلاول ڀٽو زرداري جي گارڊن جي شهيد فاضل راهو جي پٽ فياض راهو سان بدتميزي،فياض لڙڪ لاڙي ويٺو

بدين( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد فاضل راهوءَ جي ورسي جي موقعي تي راهوڪيءَ ۾ شهيد فاضل جي پٽ فياض راهو سان پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بدتميزي، شهيد جو پٽ پنهنجي ئي اڱڻ تي لڙڪ لاڙي ويٺو. راهوڪي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سميت پ پ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ورسي تقريب دوران اسٽيج تي اسماعيل راهو ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

راهوڪي آڳنڌ تي ان وقت انتهائي ڏکوئيندڙ منظر هو جڏهن شهيد فاضل جي پٽ فياض راهو لڙڪ لاڙيندو نظر آيو. فياض راهو جڏهن ورسي واري تقريب دوران اسٽيج تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته، بلاول ڀٽو زرداري جي محافظن ۽ پوليس اهلڪارن فياض راهو کي اسٽيج تي وڃڻ کان روڪيو ۽ بدتميزي ڪئي. اهڙي صورتحال تي شهيد فاضل راهو جو فرزند فياض راهو انتهائي ڏکارو ٿي ويو ۽ پنهنجي لڙڪن کي روڪي نه سگهيو. شهيد فاضل جو پٽ فياض لڙڪ لاڙيندو واپس رواني ٿيو ۽ اسٽيج تي وڃڻ جي ڪوشش ڇڏي ڏني. پنهنجي ئي اڱڻ تي پ پ چيئرمين جي گارڊن جي بدتميزي سبب هُو پنهنجي شهيد بابا جي ورسي تقريب دوران اسٽيج تي وڃڻ بدران واپس روانو ٿيو. تقريب ۾ موجود ماڻهن کان مليل ڄاڻ موجب اهڙي وارتا بابت تازو پ پ ۾ شامل ٿيل اسماعيل راهو جيڪو فياض جو وڏو ڀاءُ آهي ان کي ٻڌائي وئي پر هُن به ان وقت ان اهڙي معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *