Friday , March 29 2024

بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي افطار ڊنر، ڪو به سياسي بريڪ ٿرو نه ٿيڻ جو امڪان ناهي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) بلاول ڀٽو زرداري پاران اپوزيشن اڳواڻن جي مان ۾ آچر (سڀاڻي 19 مئي) تي رٿيل افطار ڊنر ۾ ڪو به سياسي بريڪ ٿرو نه ٿيندو، سواءِ حڪومت مخالف سخت يا وچٿرو موقف رکڻ جي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ن ليگ سميت اپوزيشن جي سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي آچر تي افطار ڊنر جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، افطار ڊنر ۾ سياسي اڳواڻن کانسواءِ واپاري اڳواڻن کي به سڏيو ويو آهي، بلاول جي افطار ڊنر کي اپوزيشن جي سياسي پارٽين وچ ۾ حڪومت مخالف تحريڪ بابت اهم قرار ڏنو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جي افطار ڊنر ۾ مخالف ڌر جي سمورن سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي دعوت به ڏني وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پهريون فون نون ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز کي ڪيو ۽ کيس افطار ڊنر جي دعوت ڏني، بلاول جي يو آءِ جي سربراهه ۽ آصف زرداري جي ويجهي دوست مولانا فضل الرحمان، بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي سربراهه ۽ ايم اين اي اختر جان مينگل، آفتاب شيرپائو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سميت ٻين اڳواڻن کي فون ڪري افطار جي دعوت ڏني.

بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪوٺايل افطار ڊنر کي ملڪي سياسي صورتحال ۾ وڏي اهميت ڏني پئي وڃي، ان سلسلي ۾ www.sindhsmaachar.com پاران مختلف سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪري افطار ڊنر جي موقعي تي متوقع حڪومت مخالف فيصلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سنڌ سماءَ چار پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق، بلاول ڀٽو جي سياسي افطار ڊنر اپوزيشن مخالف سياسي اڳواڻن جي عام قسم واري افطار ڊنر ثابت ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندي. مختلف سياسي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، افطار ڊنر ۾ ڪو به سياسي بريڪ ٿرو ٿيڻ جو امڪان نه آهي، بلاول ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندا، ميڊيا سان ڳالهه ٻوللهه دوران ڊالر جي مهانگي ٿيڻ، مهانگائي ۽ ايمنسٽي اسڪيم تي سخت لهجي ۾ موقف رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، پيپلز پارٽي گهٽ ۾ گهٽ عيدالاضحيٰ تائين سکڻو تيز سياسي لهجو استعمال ڪري معاملن کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ان ۾ مختلف سياسي پارٽين خاص طور تي نون ليگ ۽ جي يو آءِ سان رابطا وڌائي سگهي ٿي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف پاران پنهنجي نياڻي ۽ ن ليگ نائب صدر مريم نواز کي به سختي سان هدايت ڪري چڪو آهي ته، جيستائي هُو پاڻ کيس ڪو گرين سگنل نه ٿو ڏئي ايستائي، في الحال سخت بيان بازي کانسواءِ وڌيڪ ڪجهه به ناهي ڪرڻو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، افطار ڊنر ۾ حڪومت پاران تازو جاري ڪيل ايمنسٽي اسڪيم، مهانگائي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ خاص طور تي ڊالر جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ملهه ۽ پاڪستاني روپئي جي مُلهه ۾ گهٽتائي ٿيڻ واري معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ فضل الرحمان سخت موقف رکندو، مريم نواز جيڪڏهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي به صحي ته ان جو موقف ايترو سخت نه هوندو. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف سخت موقف رکي سگهي ٿو.، باقي آصف زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندو يا نه ان بابت پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن کي فيصلو ڪرڻو آهي.

 سنڌسماءَچار هڪ ڀيرو ٻيهر بريڪنگ نيوز ۾ اڳڀري،5ڏينهن اڳ شايع ڪيل نيوز اڄ قومي ميڊيا جي زينت بڻجي وئي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *